ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ ڳوٺ شفيع محمد نظاماڻي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ الطاف نظاماڻي سان سندس والده جي وفات تي عذر خواهي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن ، سنڌ جي سرڪاري ادارن کي تباھ برباد ڪيو ويو آهي ، صحت تعليم روڊن رستن جي حالت بدتر آهي ، سنڌ جي اندر زراعت کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي ، ڪمند جي فصل جا اگهه گهٽائي شوگر انڊسٽريز کي ترقي ڏيارڻ بجاءِ وڌيڪ تباھ ڪري آبادگارن کي ڪمند جي پوکائي بند ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي ، سارين جي خريداري ۾ آبادگارن کي نقصان ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ خوراڪ کاتي سنڌ ۾ سينٽر قائم ڪرڻ باوجود ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن ، سنڌ جي اندر ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊن رستن جي حالت زبون حال جو شڪار آهي ، سنڌ جي معدني قدرتي وسيلن جي باوجود سنڌ حڪومت ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري سنڌ جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ بجاءِ بيروزگاري جهڙي بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي ، سنڌ ۾ زراعت کي تباھ برباد ڪيو ويو آهي ، ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر کولڻ باوجود ڪڻڪ جي خريداري محدود ڪري سنڌ جي آبادگار کي معاشي طور بدحالي جو شڪار بڻايو ويو آهي ، ٿر ۾ قحط واري صورتحال جو ڪو به نبيرو نه ڪيو ويو آهي ، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي بدتر حالت باوجود وفاق طرفان تعاون ڪرڻ کي غلط سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ، وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ ڪراچي کان ٽنڊو محمد خان تائين عوام کي بنيادي سهولتن فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ پيڪيج ڏنو آهي پر پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صرف عوام کي ڪرپشن جو تحفو ڏنو آهي ، هن چيو ته سنڌ جي لکين غريب مسڪين ماڻهن کي احساس ڪفالت پروگرام ذريعي مالي سهائتا ڪئي وڃي پئي ، وزيراعظم پاڪستان مذهبي معاملن کي قومي جذبي سان اجاڳر ڪيو آهي ، ملڪ ۾ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ، هن ٽنڊو محمد خان ۾ سرڪاري تعليم ادارن ۾ ڪرپشن جو قومي ادارن کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته بدقسمتي آهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت سان ٺهيل گورنمينٽ پبلڪ اسڪول جي عمارت ٺهڻ کانپوءِ مسمار ٿي رهي آهي جنهن ۾ چونڊيل نمائندن ڪرپشن جي انتها ڪئي آهي ، وزيراعظم جي پيڪيج سان علائقي ۾ عوامي مفادن تحت ترقياتي ڪم مڪمل ڪرايا ويندا ، انهي موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ پي ٽي آءِ اڳواڻ حسن نظاماڻي جي والد جي وفات ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي جي گهر واري جي وفات تي سندن رهائشگاهن تي وڃي تعزيتون ڪيون ، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ آفتاب نظاماڻي، اويس نظاماڻي ، ڪامران جانوري ، مختيار ڀٽي ، اسحاق سومرو ۽ ٻيا موجود هئا.










