سنڌ حڪومت شاگردن جو مستقبل تباهه پئي ڪري

سنڌ حڪومت شاگردن جو مستقبل تباهه پئي ڪري

حيدرآبادن سنڌيار) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اياز صالح پليجي، سرواڻ هاليپوٽي ۽ آصف مري پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي افيليٽڊ (لاڳاپيل) سمورن لا (قانون) جي ڪاليجن جا 6 ماهي سيميسٽر امتحان وقت سر نه وٺي شاگردن جي مستقبل سان خطرناڪ راند پئي ڪري، جيڪا انتهائي افسوس ۽ مذمت جوڳي ڳالهه آهي. يونيورسٽي انتظاميا ايل ايل بي جي 5 سالا پروگرام جي شاگردن جا 6 ماهي سيميسٽر امتحان 10 کان 15 مهينن ۾ وٺي پئي، انتظاميا جو اهڙو طريقيڪار رهيو ته 5 سالن واري ڊگري ملڻ ۾ 10 سالن کان به وڌيڪ عرصو لڳي ويندو. انتظاميا جو اهڙو رويو شاگرد دشمني تي ٻڌل آهي. جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسين سمجهون ٿا ته شاگردن سان اهڙي روش پٺيان پيپلز پارٽي جو هٿ آهي، سنڌ جي يونيورسٽين جو وزيراعلي سنڌ چانسلر بڻيل آهي. پيپلز پارٽي سرڪار نٿي چاهي ته سنڌ جا شاگرد تعليم پرائي سگهن تنهنڪري هر موڙ تي سنڌ جي شاگردن لاءِ انيڪ پريشانيون پيدا ڪيون ويون آهن. سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سمورن لا ڪاليجن جا هر ڇهين مهيني سيميسٽر امتحان ورتا وڃن ته جيئن سنڌ جي شاگردن کي وقت سر ڊگري ملي سگهي ۽ سندن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو