سنڌ حڪومت جي بجيٽ ڪهڙي هوندي؟اڄ پيش ڪيو ويندو

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ڪهڙي هوندي؟اڄ پيش ڪيو ويندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال 23-2022 جي بجيٽ تيار ڪري ورتي آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. ذريعن موجب سنڌ جي بجيٽ 1700 ارب رپين کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي، ترقياتي منصوبن لاءِ 332 ارب رپيا ۽ پرڏيهي امداد واري پروگرام لاءِ 91 ارب رپيا شامل آهن. وفاق کان 6 ارب رپين جو ترقياتي پروگرام متوقع آهي، جنهن تحت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي. سنڌ جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 326 ارب رپيا ۽ صحت لاءِ 224 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. بجيٽ ۾ توانائي لاءِ 33 ارب رپيا، زراعت لاءِ 24 ارب رپيا ۽ ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 100 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪراچي پيڪيجز لاءِ 30 ارب رپيا، سيف سٽيز پروجيڪٽ لاءِ 29 ارب رپيا ۽ مڪاني ادارن لاءِ 80 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ صوبي جي بجيٽ ۾ ڪورونا هيلٿ ريسڪ الائونس لاءِ 17.5 بلين رپيا مختص ڪرڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو