سنڌ حڪومت جون بيورو ڪريسي ۾ مقرريون ۽ تبديليون

سنڌ حڪومت جون بيورو ڪريسي ۾ مقرريون ۽ تبديليون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بيورو ڪريسي ۾ مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب ڪاظم جتوئي کي سيڪريٽري آبپاشي ۽ زاهد علي عباسي کي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو آهي.خالد حيدر شاهه ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات ۽ رفيق ٻرڙو کي سيڪريٽري زراعت مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب اعجاز علي شاهه کي سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز، بخش علي مهر کي سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن ۽ سيد محمد علي کي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو