ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)جئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چئيرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ حڪومت برسات متاثرين کي ڪوبه رليف ڪونه ڏئي سڳھي آھي اربين روپين جي بجيٽ ڪرپشن جي منھن ۾ ھلي وئي آھي اھا ڳالھ ھن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب پھچي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪئي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ڪروڙين برسات سٽيل غريب ۽ اٻوجھ ماڻھو روڊن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪيمپون لڳائ ويٺا آھن ۽ ھتان جا سرھندي وارا ۽ مختلف سماجي تنظيمون ھنن جي ھر ممڪن مدد ڪري رھيا آھن پر سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا پاران برسات متاثرن جي ڪابه واھر نه ڪئي وئي آھي 2010 ۽ 2011 واري مھا ٻوڏ ۾ به سنڌ حڪومت متاثرن کي سنڀالي نه سڳھي جنھجي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضائع ٿي ويون ھاڻي سنڌ جا ماڻھو سڃاڳ ٿي ويا آھن ۽ موجودا حڪمرانن جي ڪرپشن کان چڳي ريت واقف آھن برسات متاثرين جي واھر لاء اسين ھر ممڪن مدد ڪري رھيا آھيون سنڌ قڌرتي وسيلن کان مالامال آھي پر ھن باوجود موجودا حڪمرانن جي غلط حڪمت عملين ۽ ڪرپشن سبب سنڌ جو 6 ڪروڙ عوام روڊن ۽ رستن تي دربدر ٿي رھيو آھي ايريگيشن کاتي کي ايشين ڊولپمينٽ بينڪ پاران اربين روپين جي گرانٽ ملڻ باوجود سم نالن جي بروقت صفائي نه ٿيڻ۽ سم نالن جا ڪپر ٽٽڻ ڪري ھر جڳھ تي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي اسين سنڌ حڪومت ۽ عالمي ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا ھن وقت پنھنجا سياسي مقصد ھڪ پاسي رکي برسات متاثرن جي واھر ڪريو










