سنڌ جي 9 تڪن تي ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم

سنڌ جي 9 تڪن تي ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي 9 تڪن تي 16 مارچ تي ننڍي چونڊ جي نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي 9 قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته لاهور، پشاور، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ به اهڙي ئي درخواستن تي پابندي لڳائي وئي آهي.ان دوران آزاد اميدوار قيس منصور شيخ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.جنهن بعد عدالت سنڌ ۾ 16 مارچ تي ٿيندڙ 9 تڪن تي ننڍي چونڊ جي نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد روڪيندي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو