سنڌ جي گورنر سنڌ ميڊيڪو ليگل بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ جي گورنر سنڌ ميڊيڪو ليگل بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سنڌ ميڊيڪو ليگل بل 2023 جي منطوري ڏئي ڇڏي بل ۾ طبي چڪاس ۽ پوسٽ مارٽم سميت طبي نظام جي ٻين ضابطن بابت قانون سازي ڪئي وئي آهي ترميم مطابق سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائيزر بورڊ قائم ڪيو ويندو بورڊ جو چيئرپرسن سيڪريٽري هيلٿ هوندو بورڊ ميمبرن ۾ ڊي جي سنڌ فرانزڪ سائنس ليبارٽري، ايديشنل آئي جي سنڌ پوليس، (انويسٽيگيشن) ايڊيشنل آئي جي سنڌ پوليس (آپريشن) پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ يا ان جو ڪوئي نمائندو، (بي پي ايس-19) تائين صحت کاتي جاٻه طبي ماهر ۽ چيف پوليس سرجن شامل هوندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو