مختلف شهرن ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ جلوس جاري

مختلف شهرن ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ جلوس جاري

حيدرآباد) بيورو رپورٽ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريليون پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون،حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. سول سوسائٽي پاران ڪينٽ قبرستان کان پريس ڪلب تائين ڪڍيل ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي پاڪ فوج جي حمايت ۾ بينر کنيل هئا، جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته هڪ سياسي جماعت منظم نموني پاڪ فوج خلاف ڪارروايون شروع ڪري دشمنن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهي آهي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسين پاڪ فوج سان هر وقت گڏ آهيون ۽ ڪنهن صورت ۾ فوج ۽ ان جي ٻين ادارن خلاف ڪنهن به شيءِ کي برداشت نه ڪيو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد جو عوام پنهنجي فوج سان گڏ آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ فوج ۽ اُن جي ادارن تي حملن کي برداشت نه ڪندو. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اها روش ختم نه ڪئي وئي ته پوءِ سندن گهرن مان نڪرڻ بند ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو