ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ جي ٻوڏ وارن علائقن ۾ مڇرن جي وڏي تعداد ۾ مليريا، ڊائريا ۽ گيسٽرو جي بيمارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. دادو جي مختلف علائقن مان هڪ مهينو 10 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نه نڪتو، جنهن سبب لکين ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد ۾ مڇر ۽ مکيون ٻوڏ متاثرن لاءِ چيلنج بڻجي ويون آهن، جنهن سبب موذي مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ بي گهر ماڻهو کليل هوا ۾ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.










