سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل  نمائندن حلف کڻي ورتو

سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل نمائندن حلف کڻي ورتو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جا 10 هزار چونڊيل نمائندا پنهنجي عهدن جو حلف کڻي رهيا آهن جنهن ۾ ڪراچي ڊويزن جا 1200 نمائندا به شامل آهن، پي ٽي آءِ جو ڪو به چونڊيل نمائندو حلف کڻڻ لاءِ تقريب ۾ نه پهتو آهي.مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي 99 سيٽن سان گڏ پهرئين، جماعت اسلامي 86 سيٽن سان ٻئين ۽ پي ٽي آءِ 41 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي، ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو پيپلز پارٽي اڃا تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئر جو حتمي فيصلو نه ڪري سگهي آهي ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب، نجمي عالم ۽ مسرور احسن جا نالا غور هيٺ آهن، پ پ کي ڪراچي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ 10 درخواستون ملي چڪيون آهن حيدرآباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ به 8 کان وڌيڪ درخواستون مليل آهن، حتمي اعلان ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص،لاڙڪاڻو، نيوسعيدآباد، ڪنڌڪوٽ، شهدادپور، قاضي احمد، اوٻاوڙو ۾ حلف برداري تقريبون جاري آهن، جتي چونڊيل نمائندن کي قسم کڻايو پيو وڃي.نيوسعيدآباد تعلقي جي هڪ ٽائون ڪاميٽي، 8 يوسيز جي چونڊيل نمائندن کان اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد ملڪ علي شان پاران حلف ورتو ويو. شهر جي ٽائون ڪميٽي جي 6 ڪائونسلرز، 7 يوسيز جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن سميت جنرل ڪاونسلرز حلف کنيو. حلف برداري تقريب ۾ تعلقي نيوسعيدآباد جي سياسي، سماجي شخصيتن سميت معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.شمور ڪنڌ ڪوٽ ضلعي اندر به چونڊجي آيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 41 ميمبرن ميونسپل ڪاميٽي جي 16 ميمبرن، يونين ڪائونسل واڊ جي 164، چيئرمين وائيس چيئرمين جي 82 جڏهن ته 06 ٽائون ڪاميٽي جي 40 ميمبرن پنهنجن پنهنجن ٽائون ڪاميٽي اندر حلف کنيو.شهدادپور ۾ ٽن ٽائون ڪميٽين ۽ 13 يونين ڪائونسلن جي سال اڳ ٿيل چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چونڊيل بلدياتي نمائندن حلف کڻي ورتو. اي سي شهدادپور چونڊيل نمائندن کان حلف ورتو. قاضي احمد تعلقي جي 17 يوسيز ۽ ٽن ٽائون ڪميٽيز جي چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن کي قاسم کڻائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد چونڊيل نمائندن کان حلف ورتو. اوٻاوڙو ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسل جي حلف برداري تقريب ڪوٺائي وئي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد آصف جوڻيجو چونڊيل نمائندن کان حلف ورتو. حلف برداري تقريب جو پروگرام گورنمنٽ هاءِ اسڪول اوٻاوڙو ۾ منعقد ڪيو ويو. گهوٽڪي ۾ ضلعي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ چونڊيل مڪاني نمائندن جي حلف برداري تقريب، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ميمبرن کي حلف کڻايو. تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ ضلعي ڪائونسل، ميونسيپل ڪاميٽيز گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ضلعي ڪائونسل جي 66، ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي 14 ۽ ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي 9 ميمبرن کي حلف کڻايو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرن سمورن چونڊيل ميمبرن کي مبارڪون پڻ ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو