ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گٽرن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ شهرن ۾ گندگي وڌڻ خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ٽنڊومحمدخان مان لال بخش سٺيو مطابق ٽالپر ڪالوني جا رھواسي 15سالن کان واٽر سپلائي جو گندو گٽرن جو پاڻي اچي ٿو. پاڻي پئسن تي وٺي عوام گذارو ڪري رھي آھي ھر برسات ۾ ٽالپر ڪالوني گندي پاڻي ۾ ٻڏل ھوندي آھي. ھتان جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي غائب آهن انهن عوام کان ووٽ وٺي ڪري پنهنجو مطلب پورو ڪيو بس ھاڻ عوام وڃي ٻڏي مري انهن کي ڪو به فرق نٿو پوي. *** چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح مطابق درگاھ شاھ يقيق بابا ۽ درگاھ جلالي بابا جي آسپاس برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب سوين گهر برساتي پاڻي ۾ ٻڏل رهواسين روڊن تي رهائش اختيار ڪري ڇڏي , برسات جي گندي پاڻي سبب مختلف موذي مرض ۽ نانگ بلائون نڪري آيون ڪنهن به برسات متاثرين جي واهر نه ڪئي سنڌ جي مشهور درگاھ شاھ يقيق ۽ جلالي بابا تي تازين برساتن تباهي مچائي ڇڏي سوين گهر برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ اچڻ سبب متاثر ڳوٺاڻا پنهنجا اجها ڇڏي روڊن تي جهوپڙيون قائم ڪري انهن ۾ رهائش اختيار ڪئي آھي جڏھن ته برسات جي گندي پاڻي سبب مختلف وبائي بيمارين سميت نانگ بلائون پڻ نڪري آيون آھن جنهن جي ڪري علائقي واسين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي.

هتان جي رهواسين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ڪمشنر حيدرآباد سميت ضلعه انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته فوري طور تي درگاھ شاھ يقيق ۽ درگاھ جلالي بابا جي آسپاس آبادين قبرستان توڙي اسڪولن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻيون وڃن. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق برسات کان پوءِ الله والا چوڪ، تعلقه اسپتال، نيشنل بئنڪ پاڻي سان ڀرجي ويا جڏهن ته پبلڪ ھيلٿ کاتي کي ٽائون ڪاميٽي انتظاميا ڪچا ملازم ڏنا ھيا ليڪن ملازمن کي اٺ مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري ملازمن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي گهر ويهي رھيا جنهن ڪري شھر ۾ بدين اسٽاپ، مٺي اسٽاپ، نيشنل بئنڪ، سول اسپتال حامد پارڪ ۽ ٻين مختلف روڊن تي گٽر نالا اٿلي پيا آھن جنهن جي ڪري ننڊن ٻارن کي اسڪول مريضن کي اسپتال ۽ شھرين کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات ٿي رھي آهي. *** سکر مان امداد ڪلوڙ مطابق ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا جي نااھلي جي ڪري شھر جي مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا، شھري علائقن ۾ صفائي سٿرائي نھ ٿيڻ سبب شاليمار روڊ، گهنٽا گهر چوڪ، لوڪل بورڊ، روڊ، نيم جي چاڙھي، نئون ڳوٺ، ورڪشاپ روڊ، بئراج ڪالوني، نئون پنڊ، ڀوسا لائين، مائيڪرو ڪالوني سميت ٻيا علائقا گندگي جي ور چڙھي ويا آھن. جڏھن ته سنڌو ڪناري تي آباد سکر جي رھواسي شھرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان بھ محروم رکيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ شھر جي سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن حافظ محبوب علي سھتو، مفتي محمد اعظم مھر ۽ ٻين جو چوڻ آھي تھ سکر انتطاميا محرم الحرام دوران شھرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي ناھي ڪري سگهي، ميئر سکر مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آھي کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي سکر پيرس بڻائڻ جا واعدا ڪيا ويا پر افسوس ته شھر جي حالت اڳ کان به بري ٿي وئي آھي. ميئر سکر ڪروڙين روپين جا فنڊ ھجڻ جي باوجود به شھر جا بنيادي مسئلا حل ناھي ڪري سگهيو. ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ميئر سکر جي اھڙي رويي جو نوٽيس وٺي سکر واسين کي سھولتون فراھم ڪري پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي. *** ماتلي مان عبدالرزاق پنهور مطابق ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب احسان شاھ ڪالوني، گل محمد ڪالوني، ظھير ڪالوني، غريب آباد سميت اسڪولن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل 6 ڏينهن گذرڻ باوجود اهو پاڻي نڪري نه سگهيو آھي ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آھي ته ايم اين اي مير غلام علي پاران برسات جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ميونسپل کي 4 وڏيون مشينون ڏنيو ويون هيون اهي به ميونسپل انتظاميه پنهنجي زمينن ۾ پوکيل فصل کي بچائڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. *** ملير مان شهزادو مستوئي مطابق يونين ڪائونسل رزاق آباد جي عبدالله گبول ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان بيٺل گٽر جي پاڻي ۾ تازو برساتن جو پاڻي ملي وڃڻ سبب سڄو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن خلاف رهواسي مسلسل دانهون ڪري رهيا آهن پراهي دانهون انتظاميا جي ڪنن تائين نه پهچي سگهيون آهن. 50 هزار کان وڌ آبادي رکندڙ هن ڳوٺ جي رستن،گهٽين،گهرن ۽ اسڪولن ۾ بيٺل برسات ۽ گٽر جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا ڪو قدم نه کنيو آهي جنهن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن ،رهواسين،سياسي سماجي ڪارڪنن طرفان ڪالھ منير هيسباڻي،فيض سنڌي،اصغر کوسو جي اڳواڻي ۾ عبدالله ڳوٺ جي گندين گهٽين مان احجاجي مظاهرو ڪري سڄي ڳوٺ گشت ڪيو ويو. ان دوران اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي ڪائونسل ڪراچي وٽ اربين ۽ يونين ڪاونسل وٽ ڪروڙن جي بجيٽ موجود آهي جيڪا خبر نه آهي ڪٿي خرچ ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڳوٺ ۽ سرڪاري اسڪول مان گندو پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو ته محرم کان پوءِ لاڳيتو احتجاجن ۽ ڌرڻن جو جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.










