سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل واقعن ۾ 2 فوت 6 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪنڏڪوٽ ۾ پستول صاف ڪندي همراه گولي لڳڻ سبب فوت، سڪرنڊ ۾ بجلي جي تارن ۾ اٽڪي ناري فوت ۽ ٽنڊو محمد خان جي شهر ستر موري ۾ ڪبوتر بازي تان وساڻن جو شيخ برادري کي ڪٽڪو 3 ڄڻا زخمي، ڪيس داخل. خانپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا زخمي. ٽنڊو محمد خان ۾ نوجوان گهرواڻبڻت تان بليڊ سان ڳچي ڪپي ڇڏي. تفصيل موجب سڪرنڊ مان راج ڪماراوڏ موجب مهڙ ڪالوني ۾ مرحوم پورهيت حاجي خان سولنگي جي نياڻي مسمات صنم سولنگي گهر ۾ ڌوتل ڪپڙا اس تي سڪائڻ لاءِ گهر جي ڇت تي چڙهي ته حيسڪو جي 11 تارن سان ٽڪرائجڻ جي ڪري ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي فُوتي نياڻي جي وارثن لاش کڻي حيسڪو سڪرنڊ آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي فوتي نياڻي جي ڀاء ارباب سولنگي  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان ڪافي ڀيرا ايس ڊي او واپڊا سڪرنڊ کي شڪايتون ڪيون آھن تہ هي تارون جيڪي اسان جي گهرن جي مٿان آهن سي بلڪل هيٺ آھن انھن کي هڪ پاسي ڪيو ڪنهن وقت به ڪو نقصان ٿي سگھي ٿو پر حيسڪو سڪرنڊ اسان جي هڪ نه ٻڌي رڳو آسرا ڏيندا رهيا.

ٻئي پاسي ڪلاڪ ڌرڻي کانپوءِ ايس ايڇ او سڪرنڊ امام الدين مارفاڻي ، حيسڪو عملدار خادم حسي پرهياڙ .پ پ اڳواڻ نور احمد رند ۽ قوم پرست اڳواڻ مسعود شاھ وارثن وٽ پهڇي متاثرن سان ڳالھيون ڪيون حيسڪو عملي يقين ڏياريو ته  تہ اسان اهي تارون لاهيون ٿا تڏي تي بہ اچون ٿا ڌرڻو ختم ڪيو آخرڪار وارثن ڌرڻو ختم ڪيو. *** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ڳوٺ مينڌرو ڏاهاڻي ۾ نوجوان حافظ ظهير احمد ڏاهاڻي پستول جي گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. جڏهن ته نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان پستول صاف ڪري رهيو هو ته اوچتو کيس گولي لڳي وئي. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان گهرو معاملي تان پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. *** سترموري (ن س) ڳوٺ سائينداد وساڻ ۾ شيخ برادري ۽ وساڻ برداري ۾ ڪبوتر بازي تان  جهيڙو شيخ برادري جا ٽي ڄڻا قاد ربخش،علي نواز ۽ اصغر شيخ زخمي ٿي پيا.

متاثر ڌر شيخ ڀرڪيو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته وساڻ برداري جي ماڻهن گهر تي حملو ڪري ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو ۽ هاڻي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعلي اختيارن کان گهر ڪئي ته اسان کي تحفظ  ڏنو وڃي ۽ مذڪوره ماڻهن خلاف قدم کنيو وڃي. هوڏانهن زخمي ڌرجي فرياد تي شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي چارڄڻن خلاف رپورٽ درج ڪئي وئي آهي. *** خانپور مان زبير گل موجب رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بيگ جتوئي ۾ عطراڻي جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دؤران لٺيون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جا 2 ڄڻا بنجو عطراڻي ء شفن عطراڻي زخمي ٿي پيا جن کي وارث خانپور اسپتال کڻائي آيا جتي کين طبي امداد ڏني وئي آھي ، ھوڏانھن زخمي جي فرياد تي ٻي ڌر جي 6 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آھي، ڪا بہ گرفتاري نہ ٿي سگھي آھي.*** ستر موري مان لال بخش سٺيو موجب ٽنڊو محمد خان جي رهواسي بالچي ٺاڪر گهرو اڻبڻت تان بليڊ سان ڳچي تي جهير ڏئي خود ڪشي جي ڪوشش ڪئي، کيس ترت اسپتال پهچايو ويو ڊاڪٽرن ٽانڪا هڻي کيس بچائي ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو