سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف مسئلن بابت احتجاج جون خبرون

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف مسئلن بابت، سياسي جماعتن، سول سوسائٽي، آبادگارن، پوليس متاثرن، زمين جي قبضن، پاڻي جي کوٽ، ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جيڪب آباد مان زين سرڪي موجب مختلف يونيورسٽين کان ٽيسٽ پاس ڪري پي ايس ٽي اميدوران پارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اڪبرعلي گولو، عبدالله بروهي، خان محمد کوکر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

هنن چيو ته 2009  ۾ ٽيسٽ پاس ڪئي آهي پر 10 سالن جو عرصو گذرڻ باوجود کين نوڪرين جا آرڊر ناهن ڏنا ويا. هنن بلاول ڀٽو ۽ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪندي چيو ته کين نوڪرين جا آرڊر ڏنا وڃن.*** جيڪب آباد ۾ ئي سول سوسائٽي ۽ آل پارٽيز ڪميٽي پاران سنڌ ۾ ڦهلجندڙ ايڊز وائرس خلاف جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. جي ايم سومرو، جان اوڍاڻو، گل بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل جلوس کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رتو ديرو سميت سڄي سنڌ ايڊز ۽ ايڇ آئي وي وائرس جهڙي موضي مرض ۾ وڪوڙجي وئي آهي پر افسوس وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ان جي روڪٿام توڙي ماڻهن ۾ ڄاڻ مهيا ڪرڻ لا۽ ڪي جوڳا اپاءَ ناهن ورتا.

هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ان مرض تي سياست ختم ڪري ان جي روڪٿام لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.*** مورو مان مورائي اياز سولنگي موجب پورهيت غلام علي سولنگي پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي  صحافين کي ٻڌايو ته بنا ڪنهن سبب جي 13 ڏينهن اڳ مورو پوليس منهنجي پٽ سجاد علي سولنگي کي درس روڊ تان موٽر سائيڪل سميت کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس مڃڻ کان به انڪار ڪيو جنھن کان پوء مان پٽ جي بازيابي لاءِ سيشن ڪورٽ نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ پوليس جي خلاف اهڙي درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن تي پوليس مون تي مڇرجي پئي آهي منهنجي ٻي پٽ واجد علي سولنگي کي گهر جي ٻاهران پوليس کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي ان کي به ظاهر نٿا ڪن. هن وزير اعلي سنڌ، ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته منهنجي ٻنهي پٽن کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي پاسي ايس ايڇ او مورو راجا نويد سرفراز جو چوڻ آھي ته هي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائي پوليس کي بدنام ڪري رهيا آھن اسان کي سجاد سولنگي گهربل آھي ان تي چوري جو ڪيس داخل آھي. *** شهداد ڪوٽ مان عبدالله مستوئي موجب زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو مين روڊن تي الڳ الڳ ڌرڻا هڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. ، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پي ٽي آء ليڊيز ونگ اڳواڻ ميڊم ناهيد کهاوڙ ، منظور لغاري ، خان سيلرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي شهدادڪوٽ روڊ تي شاميانا هڻي ڌرڻو هنيو ويو. ***هوڏانهن رتوديرو شهدادڪوٽ مين قومي شاهراه تي علائقي جي آبادگارن سرفراز مستوئي، گدا مستوئي، حاڪم مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته سانوڻي جي مند گذري رهي آهي پاڻي نه هجڻ ڪري سارين جو ٻج به ناهي پوکجي سگهيو. هنن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران هٿ وٺي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي ۽ بلوچستان جي بااثر ماڻهن کي پاڻي کپايو پيو وڃي.*** ٺڪراٺو مان حضرت گل پٺاڻ موجب مهرمائینر جي پڇڙي ۾ پاڻي نہ پھچڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي متاثر آبادگارن پاڻي ڏيو پاڻي ڏيو  جا نعرا ھنيا.

مهر مائینر جي پڇڙي ۾ ھن وقت تائین پاڻي جو ھڪ قطرو بہ نہ پھچڻ ڪري مختلف ڳوٺن جا ماڻهو پريشان آهن. متاثره آبادگارن شاهم  مھر، محمد حسن، سنجرمهر، مبارڪ مھر۽ ٻين جي اڳواڻي م سڪل واھ مٿان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ميڊيا سان ڳالھائیندي آبادگارن جو چوڻ ھيو تہ اسان جي زندگي جو جياپو زراعت آھي پر آبپاشي عملي جي نا اهلي سبب مهر مائینر ۾  ھن وقت تائین پاڻي جو ھڪ ڦڙو بہ ناھي پھتو جنھن سبب اسان جي ھزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن.*** سکر مان جيرام داس موجب ڳوٺ واھ ٻرڙا جي رھواسين پاران ڪنڌرا جي ٽائون چيئرمين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين علي نواز ٻرڙو، اميد علي ٻرڙو, غلام قادر ٻرڙو ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو آھي ته ٻه سال اڳ رستي ويندي محمد خان ٻرڙو کي نامعلوم ھٿياربند گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو جنھن جي قتل جو الزام بااثر ٽائون چيئرمين مھر علي ٻرڙو اسان تي ھڻي ڪنڌرا ٿاڻي تي گرفتار ڪرايوهو.

اسانجا ماڻهو اڃا ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ آھن. جڏھن ته بااثر اسان جي گھرن کي باھيون ڏئي زمينن تي قبضو ڪيو آھي. ھنن ايس ايس پي سکر کان گھر ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪرائي اسان جي ماڻھن تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري اسان جي گھرن ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪرائي ڏنا وڃن.*** سترموري مان لال بخش سٺيو موجب آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن ضلع ٽنڊومحمدخان طرفان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٽنڊومحمدخان ۾ استادن کان رشوت طلب ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي استادن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر علي احمد مرزا ۽  اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر اقبال شيخ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. 

پ ٽ الف مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو پڻ اظهار يڪجهتي طور احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪندي چيو ته ٽريزري آفيس ٽنڊومحمدخان ۾ هر جائز ڪم تي رشوت طلب ڪئي ويندي آهي استادن سان سخت بيواجبيون ٿي رهيون آهن.اڳواڻن چيو ته سڀاڻي کان مين پرائمري اسڪول ٽنڊومحمدخان  جي ٻاهر احتجاجي  ڪيمپ لگائي احتجاج ڪيو ويندو سومر تي سموري ضلع جا استاد ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس جو گهيرائو ڪندا.*** ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران  بجلي جي غيراعلانيا لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ شامل ماڻهن واپڊا عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس يو پي جي ضلعي صدر دلمراد ڏاهاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي جي غيراعلانيا لوڊشيڊنگ شهرين جي زندگي کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هنن واپڊا کان مطالبو ڪيو ته بجلي جي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.*** مانجهند مان مهراڻ يوسف عمراڻي موجب ايس يو پي ڪارڪنن جو تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن اعجاز ميمڻ، شاهنواز شاهه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيڪريٽري هيلٿ جي ڏنل حڪمن کي 3 سينئرڊاڪٽرن ٿڏي 2 مهينن کان  جوائننگ نه ڪئي آھي، جڏهن ته پرائيوٽ ڪلنڪن کي هلائي رهيا آھن اسپتال۾ مبينا ڪرپشن سبب دوائن ۽ نانگ بلا ڪتي جي چڪ جي وئڪسن اڻلڀ  ٿي وئي آھي مقرر ڊاڪٽر ۽ عملو به پابند نه هئڻ سبب رات جي شفٽ ۽ موڪلن ۾ تالا لڳل رهن ٿا ٽن ايمبولنس مان ٻه خراب حالت ۾ بيٺل آھن پر تيل ۽ مرمت جا بل ڪڍيا وڃن ٿا، مريضن جي کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي. ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب حاملا عورتن کي سخت پريشاني کي منهن ڏسڻو پوي ٿو هنن مطالبو ڪيو ته مقرر ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي جو پابند ڪيو وڃي.*** خيرپور مان مجاهد سولنگي موجب ڳوٺ غلام قادر ٿيٻو جي رهواسي گهر جي پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. نهال خان مري پريس ڪلب خيرپور پهچي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مونکي پنهنجي ڳوٺ ۾ 2 ويسا پلاٽ آهي جنهن ۾ اسان سالن کان گهر ٺاهي رهي رهيل آهيون منهنجو مامو بااثر غلام علي مري عرف جڙيو هٿياربندن ساڻ ڪري پلاٽ تي قبضو ڪري مونکي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن ڊرٻ ميهر شاهه پوليس کي ڳري رشوت ڏئي مون مٿان ڪوڙا ڪيس به ڪرايا آهن. رئيس شمشاد مري انهي معاملي جو فيصلو به ڪيو پر  منهنجو مامو فيصلي کي قبول نه پيو ڪري ۽ زيادتي ڪري مونکي مارڻ چاهي ٿو هن ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته گهر مٿان قبضو ڪندڙ مامي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ پنهنجي ٻچڙن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.***ميهڙ مان ادل مهيسر موجب ڳوٺ شير خان عباسي جي رھواسڻ حامله عورت عاصمه پنھنجي مڙس منصور عباسي، سھري منظور عباسي ۽ سس جي ظلم ۽ ذيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. هن ٻڌايو ته سس ۽ سھري زندگي برباد ڪري ڇڏي آھي ۽ روزانو مارڪٽ ڪن ٿا، ھن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته مڙس، سس ۽ سھري خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مون غريب سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ مان پنھنجن ٻچن سميت ايس ايس پي دادو جي آفيس ۾ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس. *** ساڳئي نمائندي موجب ڳوٺ ڀائي خان پنھور ۾ با اثر وڏيري خلاف، محمد عالم پنھور شاھد علي ماجد علي ساجد علي پنھور ۽ ٻين احتجاج ڪيو. متاثرن دانھيون ته وڏيرو محمد نواز پنھور ۽ وڏيرو عبدالحميد پنھور اسان جي اباڻي زرعي زمين 13 ايڪڙ 3 گھنٽه تي زبردستي ھٿيارن جي زور تي گذريل 4 مھينن کان قبضو ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته ڦلجي پوليس به وڏيرن جي ڪمداري ڪري رھي آھي، ھنن سيشن جج دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته قبضا خور وڏيرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري زرعي زمين تان قبضو ڇڏائي اسان سان انصاف ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو