مختلف شهرن ۾ دعا منگيءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچيءَ مان اغوا ٿيل دعا منگي جي بازيابي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سکر مان امداد علي ڪلوڙ مطابق سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽر دعا منگي جي بازيابي لاءِ منگي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ماڻهن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جيڪي دعا منگي جي بازيابي لاءِ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن قربان منگي، اسلم، شهزادو، مظفر، علي حسن ۽ ڊاڪٽرسهيل سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ڪراچي مان ڊاڪٽر نثار منگيءَ جي ڌيءَ دعا منگي کي اغوا ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا سنڌ جي نياڻين کي اغوا ڪيو وڃي ٿو جيڪا کليل دهشتگردي آھي اها سنڌ حڪومت ۽ رياستي ادارن جي ذميواري آھي ته هو سنڌ جي نياڻي کي اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي کي بازياب ڪرائي انهن اغوا ڪندڙن  خلاف ڪيس داخل ڪن.

ٻئي طرف ڊاڪٽر دعا منگي جي بازيابي لاءِ سکر ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيل برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي وڪيل قربان ڪلوڙ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا وڪيل برادري احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته نياڻي ڊاڪٽر دعا منگي کي 5 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو آهي پر هن مهل تائين حڪومت ڪا به پيش رفت ناهي ڪئي .هنن چيو ته نياڻين کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري نياڻي ڊاڪٽر دعا منگي کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ اغوا ڪندڙن تي دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪري قانون مطابق سزا ڏني وڃي. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق جسقم ۽ ايس اين پي پاران ڪراچي جي نياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي آصف راهوجو، بلاول ڏاهري، اشفاق پنهور، ماجد سهتو، راحب ڏاهري، عبدالله کوسو، فيروز ڪلهوڙو ڪري رهيا هئا. جن جو چوڻ هو ته سنڌ جي نياڻي دعا منگي کي ڪافي ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪراچي پوليس هن مهل تائين هن کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي جنهن مان ثابت آهي ته پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هن اهم مسئلي تي توجهه ناهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي نياڻي دعا منگي کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي. *** راڻيپور مان نديم شيخ مطابق ڪراچي جي پوش واري علائقي مان 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل شاگردياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ راڻيپور ۾ سول سوسائٽي عوامي اتحاد صحافين ۽ منگي برادري پاران قربان منگي، اڪبر منگي، غلام اصغر وساڻ، علي نواز، ناظم ڄامڙو، ميان بخش شاهاڻي، وحيد سرڪي، ڊاڪٽر نظير کوکر، عرفان شاهاڻي، سيد زوار حسين شاهه، امداد لاڙڪ، مظفر شيخ، بابر منگي، قائم منگي، يعقوب وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قانون جي شاگردياڻي دعا منگي جو پتو نه لڳائي سگهي آهي پوليس رڳو بيان رڪارڊ ڪرائڻ تائين محدود آهي سنڌ ۾ نياڻين جي اغوا جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس شاگردياڻي دعا منگي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي جيڪا پوليس جي نااهلي آهي.

*** شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي مطابق پيپلز لائيرز فورم شهيد ڀٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي چيف آرگنائيزر ايڊو ڪيٽ جي ايم لغاري، ايڊوڪيٽ قاسم جلالي، ايڊوڪيٽ مظھر چنڙ، ايڊووڪيٽ مقدر جهيجو، ايڊوڪيٽ منصور جتوئي ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾  چيوآهي ته سنڌ سرڪار امن امان بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي دعا منگي کي بازياب نه ڪرائڻ پوليس جي ناهلي آهي وزير اعلي سنڌ کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هنن چيو ته سنڌ جي نياڻي دعا منگي کي اغوا ٿئي ڪيترو وقت گذري ويو آهي پر ڪراچي پوليس نياڻي دعا منگي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي هاڻي ڪراچي مان سنڌي نياڻين کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ سرڪار سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته نياڻي دعا منگي جي اغوا جو نوٽيس وٺي کيس جلد بازياب ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو