ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل حادثن ۽ واقعن م 2 ڄنا فوت ۽ 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪنڊيارو مان اسد جعفري موجب ڳوٺ الله رکيو گھانگھرو جو رھواسي 23سالن جو نوجوان محمد امين پٽ محمد حسن جو ڳوٺ نياز علي ڄاڄوھو ڀرسان پاڻي جي کوھ مان لاش ھٿ آيو آهي.

ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پهچي ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاء ڪنڊيارو اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب نوجوان خودڪشي ڪئي آهي وڌيڪ معاملي جي چاچ ڪري رهيا آهيون.***سجاول مان سليم ملاح موجب پراڻي سيدپور وٽ ٺٽي روڊ تي ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي۾ ويگن ڪلٽي ٿي پئي نتيجي ۾ ويگن ۾ سوار نيو ڪراچي جا رھائشي 6 سالا محصوم مھم، 3 سالا نينگري طوبيٰ سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال سجاول آندو ويو جتي فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کين ڪراچي اماڻيو ويو. زخمي ڪراچي کان درگاه شاھ يقيق تي سلام ڀرڻ لاءِ آيا ھئا واپسي دوران ساڻن حادثو پيش آيو.***خيرپور ناٿن شاھ مان وفا معشوق علي کوکر موجب فريدآباد شاھ گودڙيو روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ مجيد کوسو جي پل ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ چنگچي ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ زائرين گوزو جا رھواسي احسان ملاح صفوران ملاح نياز پنھور، عبدالستار رند علي نواز رند جاويد رند لياقت رند عبدالغفار رند معصوم ٻارڙي سنڌو سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن کي مختلف پرائويٽ اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته زخمي عبدالستار رند جي موبائيل گم ٿيڻ تي رند برادري جا وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٿاڻي اڳيان گڏ ٿي ملاح برادري جي ماڻهن کي روڪي ايڪسيڊنٽ ۾ موبائيل فون گم ٿيڻ ڪري ملاح برادري جي نوجوانن کان تلاشي وٺي ڇڏي ڏنو . جنهن ۾ رند برادري جي معزز چڱي مڙس محرم رند عبدالفتاح رند سان ايس ايڇ او فريدآباد عبدالمجيد بروھي ۽ شاھ گودڙيو ٿاڻي جوايس ايڇ او عبدالرحمان رند ڳالھيون ڪري مسئلو ختم ڪرايو.*** گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙي چاچڙ ۾ 24 سالن جي نوجوان طفيل چاچڙ جو پاڻي جي کڏ مان لاش ھٿ آيو آهي. رابطو ڪرڻ تي عادلپور پوليس ٻڌايو ته نوجوان طفيل چاچڙ پنهنجي والد سليمان چاچڙ کي زمين تي ماني ڏيڻ ويو لاءِ ويو هو جيڪو پاڻي جي کڏي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان کي سهڪو ٿيندو هو ٿي سگهي ٿو ته سهڪو ٿيڻ بعد پاڻي جي کڏي ۾ ڪري فوت ٿي ويو هجي.










