سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثا ۽ واقعا 4 فوت 3 زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثا ۽ واقعا 4 فوت 3 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن، خودڪشي سميت مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا. عدالتي حڪم تي ٺارو شاهه ۾ قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. ٿرڙي محبت  مان صدام حسين چانڊيو  موجب کوکر  محلا ۾ موبائل چوري ٿي وڃڻ جي معمولي ڳالهه تان ناريجن ۽چانڊين جي ٻن ڌرين ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد جيهڙو ٿيو نتيجي ۾  مبينا طور ساهه ٻوساٽجڻ سبب 45ورهين جو سڪندرچانڊيو  فوت ٿي ويو.

مرحوم جي گهرواري مسمات افروزا ميڊيان کي ٻڌايو ته مڙس سڪندرگهر ۾ستل هيو جيهڙي بعد جيئن گهرکان ٻاهرنڪتو ته سندن مٿان حملو ڪيو ويو ۽ ساهه ٻوساٽجڻ بعد بيهوش ٿي ڪري پيو  جنهن کي مقامي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ***مٽياري رياض چانڊيو موجب دينار شاخ وٽ قومي شاهراھ تي تيز رفتار  ڪوچ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 24 سالا عرفان ولد مير محمد ملاح سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي سيکاٽ پوليس فوري طور مٽياري تعلقي اسپتال پهچايو جتان ابتدائي امداد بعد نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو ويو.

نوجوان کي ٽڪر هڻندڙ ڪوچ ڊرائيور ڪوچ سميت فرار ٿي ويو زخمي نوجوان مٽياري ويجهو ڳوٺ بائوديرو جو رهاڪو ٻڌايو پيو وڃي.*** سانگهڙ مان نادر بڙدي موجب شگر مل اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل ۽ اٺ گاڏي ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوارا  23 سالا اسحاق بروهي موقعي تي فوت ٿي ويو.سندس پيءُ امين بروهي زخمي ٿي پيو.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي  سول اسپتال سانگهڙ پهچايو آھي. ٻڌايو پيو وڃي فوتي پيرسن ۽ سندس پٽ سانگهڙ مان اسپتال مان علاج ڪرائي واپس وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. ***ڀريا سٽي مان شمشاد علي منگي موجب روهڙي ڪئنال پل ڀرسان ڀرياروڊ لنڪ روڊ تي چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل سوارن ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڀريا سٽي واسي نوجوان عارف پٺاڻ پٽ گل محمد پٺاڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ نوجوان عزيز پٽ مغل ميمڻ زخمي ٿي پيو. ٻنهي نوجوانن کي شهرين فورن ڀريا سٽي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان عارف پٺاڻ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته زخمي نوجوان کي فورن طبي امداد فراهم ڪئي وئي. فوتي نوجوان جي ڀاءَ زوهيب پٺاڻ ٻڌايو ته نوجوان ڀاءَ  روهڙي ڪئنال تي لڳل هينڊ پمپ تان گھر جي لاءِ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي رهيا هيا ته حادثو پيش آيو. رڪشا ڊرائيور رڪشا سميت موقعي تان فرار ٿي ويو. ***شڪارپور مان عبدالخالق سومرو موجب علي پور محلي جي رھواسڻ 20 سالا نمره ميراڻي گھر اندر زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، اھڙو اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي لاش کي ضروري ڪاروائي جي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو.*** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق زرداري موري وٽ لنڪ روڊ تي علي آباد طرف ويندڙ  موٽر سائيڪل جو سامهون ايندڙ گڏهه گاڏي سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾  موٽر سائيڪل سوار 22 ورهين جو نوجوان مزدور امير علي  ولد بابو ميسو سخت زخمي ٿي پيو. پيو.

زخمي نوجوان  کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال ڄامشورو کڻائي ويا جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. *** ٺاروشاھ  اسد شاھ بخاري ڳوٺ صادق اڄڻ ۾ پر اسرار طور فوت ٿيل نوجوان علي خان اڄڻ جي قبرڪشائي ڪئي وئي  فوت ٿي ويل علي خان اڄڻ جي والد مشتاق اڄڻ جي درخواست تي عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪئي وئي. 40 ڏينهن اڳ ساھرن جي گھر ۾ فوت ٿيل نوجوان جي والد مشتاق اڄڻ سالن تي قتل جو شڪ ظاھر ڪيو ھو . جوڊيشل مئجسٽريٽ ڀريا محمد زبير آرائين جي سربراھي ۾ ڳوٺ صادق اڄڻ ۾ نواب شاھ جي ھيلٿ بورڊ جي انچارج  سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار شاھاڻي ۽  چيئرمين اسپيشل ميڊيڪل بورڊ محمد حنيف ڀنگوار جزا ورتا.

پهنجو تبصرو موڪليو