ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن، خود ڪشي جي واقعن سبب 6 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. وارھ مان طالب حسين چانڊيو موجب ڳوٺ سونو وڳڻ وٽ تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، 2 ڄڻا عبدالقيوم ۽ ثناءُ الله چانڊيو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. واقعي ۾ ڪريم ۽ ارشد چانڊيو سوڌو 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين کي بروقت قمبر سول اسپتال آندو ويو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ۽ قمبر سول اسپتال ۾ بهتر علاج جي سهولت ميسر نه هئڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، فوتي ثناءُ الله چانڊيو ڳوٺ گل ڪرٽيو ۽ فوتي عبدالقيوم چانڊيو ڳوٺ باغ جاگير جا رهواسي هئا، ٻنهي فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.****ڊگهڙي مان سيد نويد شاهه موجب ڳوٺ جمالدين نوحاڻي جي رهواسي پورهيت چيتن ڀيل جي نوجوان پٽ دليپ ڪمار گهر جي باٿ روم ۾ شلوار جي اڳٺ سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

فوتي ڪپڙي جي دڪان تي ڪم ڪندو هو اڄ هولي جي تهوار جي موڪل تي گهر ۾ خودڪشي ڪيائين. فوتي نوجوان جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي*** ڪوٽ لالو مان باغ علي موجب ڳوٺ محمد رمضان منگيو واسي 18 سالا نوجوان شوڪت عرف خيرو مڱيو جي لوئي رڪشي جي چين ۾ ڦاسڻ سبب نوجوان رڪشا ڊرائيور جو ڳاٽو ڀڄي پيو جنهن سبب موقعي تي فوت ٿي ويو.

سندس گهر ۾ڪهرام مچي ويو جڏهن ته نوجوان والدين جو هڪ ئي پٽ هو امڙ کي بيهوشي جا دورا نوجوان دوڙ پڙي تي وڃي رهيو هو. ****سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب مهراڻ هاءِ وي تي ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي زخمي ڪيل واپاري علي بخش لنڊ علاج دوران اسپتال ۾ فوت، وارثن جو لاش سميت مهراڻ هاءِ وي تي سئي گئس اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ميرواهه پوليس جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ، ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو. کيس محلا محرم علي لنڊ ۾ آڻي آخري رسمن بعد پير ٻوهيو جي آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.***ڪلوئي مان غلام مصطفي نهڙيو موجب ڳوٺ هميرا ٻاهه ساهڙ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٽانڪو ٺاهيندڙ مستري 28سالا نوجوان محب الله ساهڙ ولد صابر ساهڙ پاڻي جو ٽانڪو ٺاهي رهيو هو ته متان اوچتي واري جي ڇپ ڪري پئي ته دٻجي فوت ٿي ويو.

ياد رهي ته ٿر جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽برساتي پاڻي کي ڳوٺاڻا زمين اندر 10,کان 15 فوٽن جي کوٽائي ڪري سيمنٽ هڻي پاڻي جمع ڪري رکندا آهن جيڪو پاڻي 12 مهينا استعمال ۾ اچي ٿو. *** دادو مان ادل مهيسر موجب 16 سالا جمعو خان ولد رجب خان ٿرڙي جادو شهيد جي رهواسي موبائل نه وٺي ڏيڻ تي زرعي زمين جو گهر ۾ پيل اڇو ڀاڻ کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سندس کي وارثن پاران نازڪ حالت ۾ سول اسپتال آندو، ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ملڻ بعد اجهايل زندگي بچائي ورتي.










