سنڌ جي ماڻهن کي لٽيرن مان جان ڇڏائڻي پوندي، مگسي

سنڌ جي ماڻهن کي لٽيرن مان جان ڇڏائڻي پوندي، مگسي

حيدرآباد(ن سنڌيار) سنڌ ترقي پسند پارتي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ زرداري جو ايم ڪيو ايم سان ٺاھ ۽ سندن مطالبا تسليم ڪرڻ ڪا نئين ڳالھ ناھي پ پ پ سدائين پنھنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ اھڙا حُربا استعمال ڪندي آھي۽ سنڌ جي حقن جو تين وال ڪندي آھي. اھي سنڌ کي پنھنجي جاگير سمجھن ٿا . عوام کي صرف ووٽ جي منڊي سمجھن ٿا. انڪري ھاڻي سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻ گھرجي تہ سندن سمورين مسئلن مصيبتن جو سبب پ پ پ ۽ ان ۾ ويٺل جاگيردار وڏيرا ۽ ڀوتار آھن. انھن مان ڪابہ نيڪي جي اميد نٿي رکي سگھجي . انڪري ھاڻي وقت اچي ويو آھي سنڌ جي ماڻھن کي نئي صف بندي ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ جي ھنن لُٽيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن مان جان ڇڏائي پورھيت طبقي جو راڄ آڻڻو پوندو ان ۾ ئي سنڌ جي بقاءُ آھي. ھن وڌيڪ چيو تہ ملڪ جي اندر ھي جيڪو سياسي ڊراما ٿي رھيا آھن ان سان عوام کي يا ملڪ کي ڪوبہ فائدو نہ پھچندو. ماڻھن جي ڏکن اھنجن ۽ پريشانين ۾ ڪابہ گھتٽائي نہ ايندي . اھا صرف ان صورت ۾ اچي سگھي ٿي جو سنڌ جا ماڻھو قومپرست وطن دوست ۽ عوام دوست قوتن جو ساٿ ڏين ۽ ملڪ جي اندر حقيقي جمھوريت جو سج اڀري جنھن ۾ اقتدار نہ پر عوام جا مفاد وڌيڪ عزيز ھجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو