سنڌ جي عظيم مزاحمتي اڳواڻ جي تاريخي ورثي جي سنڌ مالڪي ڪري: اعجاز مهر

اڄ پير صبغت الله شاهه راشدي عرف پير پاڳارو جي 76 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. پير صاحب کي انگريزن 20 مارچ 1943 تي ڦاهي ڏئي سندس لاش غائب ڪري ڇڏيو هو. کين ڊپ هو ته جيڪڏهن حر تحريڪ جي باني ۽ سنڌ جي انگريزن کان آزادي واري تحريڪ جي مزاحمتي ليڊر کي ڪٿي دفنايو ويو ته سندس مزار مزاحمت ڪارن لاءِ اتساهه پيدا ڪندي ۽ مزاحمت جو مرڪز بڻبي. حر تحريڪ وقت بوقت هلندي رهي. پهريون ڀيرو 1896 ۾ بچل خاصخيلي عرف بچو بادشاه شروع ڪئي ۽ اها بغاوت انگريزن ڪچلي ڇڏي ۽ بچو بادشاه جو لاش انگريزن هڪ نامعلوم سڙڪ هيٺان دٻائي ڇڏيو هو. انگريزن پير صاحب کي خوب لالچ ڏئي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن هو ناڪام ٿيا ۽ پير صاحب پنهنجي “وطن يا ڪفن” واري موقف تي اٽل رهيو ته کيس هيسائڻ لاءِ قتل، اغوا ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزامن هيٺ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل ۾ بند ڪيو. پير صاحب قائداعظم محمد علي جناح کي 1931 ۾ 60 هزار فيس ڏئي وڪيل ڪيو. جناح هن وقت انگريز عدالتي عملدارن جو رويو ڏسي چيو هو ته جيڪڏهن سنڌ جي هي حالت آهي ته سنڌ رهڻ جي قابل ناهي. پير صاحب جو حوصلو بمبئي جو رتناگري جيل، مغربي بنگال جو علي پور  ۽ ڪاري پاڻي وارا جيل نه ٽوڙي سگهيا ته انگريزن مجبور ٿي ساڍن ڇهن سالن بعد کيس آزاد ڪيو. پير صاحب جا حر نومبر 1936 ۾ لاهور کان اسپيشل ٽرين ذريعي روهڙي وٺي آيا هئا. ان زماني ۾ سنڌ جي اڪثر سياسي ليڊرن انگريزن سان سمجهوتو ڪيو ۽ ڪجهه ليڊرن معرفت انگريزن پير صاحب کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي پر پير صاحب آخر تائين سنڌ جي آزادي ۽ “ وطن يا ڪفن” واري اصول تي قائم رهيو. جڏهن انگريزن کي پڪ ٿي وئي ته پير صاحب ساڻن سمجهوتو نه ڪندو ته هنن پنهنجو آخري ظالماڻو حربو استعمال ڪندي کيس ڦاهي ڏئي لاش ئي گم ڪري ڇڏيو. انگريزن پنهنجي پالتو ۽ ڀاڙيتن ذريعي پير صاحب جي ڪردار ڪشي جي مهم هلائي. ايچ ٽي لئمبرڪ جهڙن پالتو انگريزن پير صاحب جهڙي عظيم ليڊر ۽ سنڌ جي آزادي جي هن علمبردار کي “دهشتگرد” قرار ڏئي سنڌين جي تاريخ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو . پر تاريخ شاهد آهي ته لاش گم ڪندڙ انگريز سامراج جي انهن ڇاڙتن جي قبرن تي ڪتا پيشاب ڪندا هوندا پر سنڌ جي هن عظيم رهبر جي غائبانه قبر جي باوجود به سنڌي ماڻهون دل سان پيار ڪن ٿا ۽ روح سان احترام ڪن ٿا. پير صاحب پاڳارو (صبغت الله شاه راشدي) ۽ حر تحريڪ بابت تمام گهٽ تحقيقاتي ڪم ٿيو آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ سندس نالي سان ريسرچ چيئر يا مرڪز قائم ڪجي پر افسوس آهي ته اڃا تائين ان تي ڪو ڪم ناهي ٿيو. ڪرپشن، چاپلوسي ۽ خوشامدي ڪلچر واري ماحول جي زور وٺندڙ بي حس سماج ۾ان ڳالهه جي ڪنهن کي پرواهه آهي. سنڌ جا اربين روپيا هڙپ ڪندڙ واڳن جهڙن حڪمرانن جي اولين ترجيع بالو ڪچر تي قبا ٺاهڻ آهي سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ جي علبردارن جي عظيم ڪردارن بابت تحقيق ڪرڻ شايد انهن جي ايجنڊا ناهي. سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ “حر تحريڪ” بعد ۾ جڏهن “مجاهد فورس” جو روپ ڌاري ٿي ۽ اهي بيان ٻڌون ٿا ته اسين فوج جا ماڻهون آهيون اها ئي اسانجي سڃاڻپ آهي ته کل به اچي ٿي ۽ روئڻ به اچي ٿو. قبلا سائين نهايت ادب سان عرض آهي ته پير صبغت الله بادشاه جي گادي، ملڪيت ۽ مريد اوهان وارثن کي مبارڪ هجي پر سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ “حر تحريڪ” جي تاريخ سنڌ ۽سنڌين جو قومي ورثو آهي جنهن جي مالڪي به سنڌين کي ڪرڻ گهرجي. دل ته چوي ٿي گهڻو ڪجهه لکجي پر سچي ڳالهه اها آهي ته اختلاف راءِ تي عدم برداشت واري اسانجي معاشري جي جڙيل وحشي معيارن تي سوچي ڊپ ٿو لڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو