سنڌ جي سرزمين وسيلن سان مالا مال آهي:امتياز شيخ

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ اڄ سندس آفيس ۾ صوبي سنڌ ۾ نئين تيل ۽ گيس ذخيرن جي ڳولا جي حوالي سان گڏجاڻي منعقد ٿي. گڏجاڻي ۾ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ پاران جنرل مينيجر ايڪسپلوريشن مجاهد علي، سينيئر مينيجر توقير احمد ۽ وفد جا ٻيا ميمبر شامل هئا. گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ نئين تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي ڳولا جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته سنڌ جي سرزمين وسيلن سان مالا مال آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جديد سائنٽفڪ جي مطابق ان جي ڳولا لاءِ قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پيٽروليم لميٽيڊ کي فوري طور تي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان پيٽروليم پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي پي ايل هن وقت سنڌ صوبي ۾ 13 بلاڪس ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن ته تجويز ڏيندي چيو ويو ته تيل جي ڳولاءِ لاءِ پيٽروليم پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي ۽ پائلٽ پروجيڪٽ لاءِ مقامي ۽ غيرملڪي E&P ڪمپني لاءِ ڪنسورشيم جوڙي وڃي. قانوني فريم تيار ڪيو وڃي ۽ موجوده IELs ۽ D&PLs ۾ تيل جي ڳولا جو ڪم ڪيو وڃي جڏهن ته موجوده Els ۽ A&P ۾ شيل ايڪسپلوريشن لاءِ جوائنٽ وينچر جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ تيل جي کوهن ۾ شيل گيس ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ لاءِ ورڪ پوائنٽس کي زميواريون ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو