سنڌ جي جيلن ۾ غيرقانوني طور تي اي جي ايس مقررين جو انڪساف

سکر (ن س) سنڌ جي مختلف جيلن ۾ غيرقانوني طور تي 40 کان وڌيڪ اي جي ايس مقرري جو انڪشاف چيف سيڪريٽري، هوم سيڪريٽري سميت آئي جي جيل کي درخواست اماڻي وئي، مقرري غيرقانوني ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙِ آهي درخواست ۾ موقف، نوٽيس وٺڻ جي اپيل، تفصيل مطابق سنڌ جي مختلف جيلن ۾ غيرقانوني طور تي 40 اسسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ مقرر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان حوالي سان جيل جي 24 افيسرن چيف سيڪريٽري هوم، سيڪريٽري ۽ آئي جي جيل کي درخواست ۾ انڪشاف ڪيو ته ڪلاريڪل اسٽاف کي پروموٽ ڪري اسسٽنٽ سپرنٽندنٽ بڻايو ويود رخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته 40 ڪلاريڪل اسٽاف جي مقرري سپريم ڪورٽ جي 2013 جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي 2010 ۾ 39 ماڻهو ڊائريڪٽر اسسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ ڀرتي ٿي جيڪا بلڪل غصيرقانوني آهي واضح رهي ته غيرقانوني ڪيڊر مٽائيندڙن ۾ عبدالغفار چانڊيو، نذر محمد گاد، جاويد کهاوڙ، امتياز سومرو، شهاب صديقي شامل اهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو