سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 1500 خالي جاين تي ڀرتين جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز جي خالي جاين تي ڀرتي جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه کاتي ۾ ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز (اي سي ٽي) جي 1500 خالي جاين تي ڀرتيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڀرتيون ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ طريقي ڪار تحت ڪيون وينديون.سال 2018 ۾ آءِ بي اي ذريعي 1100 جي لڳ ڀڳ خالي جاين جو اعلان ڪيو ويو هو، ٽيسٽ کانپوءِ 660 کان وڌيڪ اميدوار پاس ٿيا، جڏهن ته 400 کان وڌيڪ پوزيشنز خالي رهجي ويون هيون.تعليم کاتي اي سي ٽي ۾ وڌيڪ 1100 پوزيشنز جي واڌ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ مجموعي طور 1500 جي لڳ ڀڳ ڀرتيون ڪيون وينديون.پاليسي تحت ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز جي نوڪري في ميل اميدوارن لاءِ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو