سنڌ جي بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ 4 کرب کان وڌيڪ رقم مخصوص

سنڌ جي بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ 4 کرب کان وڌيڪ رقم مخصوص

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي جي بجيٽ 2023 ۾ ترقياتي پروگرامن لاءِ 4 کرب کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي ڪراچي جي رٿائن لاءِ 100 ارب رپين کان وڌيڪ پئسا رکيا ويا آهن تفصل موجب سنڌ حڪومت پاران سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 4 کرب 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن ڪراچي لاءِ پرڏيهي امداد تي هلندڙ رٿائن لاءِ 100 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي صوبي جي ترقياتي بجيٽ جو فوڪس 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏ دوران تباهه بنيادي انفرااسٽريڪچر جي بحالي تي رکيو ويو آهي بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 980 بلين رپيا ۽ ضلعي لاءِ 30 بلين رپيا رکيا ويا آهن ترقياتي بجيٽ ۾ 33 سئو 11 اسڪيمن لاءِ 291.727 بلين رپيا جڏهن ته نئين 19سئو 37 اسڪيمن لاءِ 88.273 بلين رپيا رکيا ويا آهن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ ۾ پهريان کان جاري اسڪيمن لاءِ اٽڪل 80 فنڊ رکيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو