سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ جو تحريڪ انصاف کي چئلينج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ تحريڪ انصاف کي چيلينج ڪندي چيو آهي ته ڏيکارينداسين ته ڪهڙو وڏو جلسو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود پاران جاري ڪيل ريلي جي تصويرن تي رد عمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته هن سڄي پاڪستان مان ماڻهن کي دعوت ڏني آهي. هن چيو ته اسان ٽنڊوڄام ۾ صرف هڪ صوبائي تڪ مان ماڻهن کي دعوت ڏني آهي ۽ ٻڌائينداسين ته وڏو جلسو ڇا ٿيندو آهي. واضح رهي ته شفقت محمود تحريڪ انصاف جي جلسي جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي ان کي وڏو جلسو قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو