سنڌ جا ماڻهو جلد حڪمرانن کان حساب وٺندا: اياز لطيف

سنڌ جا ماڻهو جلد حڪمرانن کان حساب وٺندا: اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪٿي آھي سنڌ اسيمبلي، ڪٿي آھن وزير،ايم پي ايز، ايم اين ايز، چيئرمين سينيٽرز؟ انھن کان سندن زالون،اولاد ڀيڻون، مائيٽ ۽ دوست پڇن نٿا تہ ھي سنڌ سان ڪھڙو حشر پيا ڪيو؟ ڪو بہ غيرت مند آس پاس موجود ناھي ڇا؟سنڌ ھڪ ڏينھن نيٺ وري اٿي بيھندي ۽ حڪمرانن کان سمورا حساب وٺندي،ماحولياتي تبديلين ڪري ايندڙ چار پنج سال تيز برساتون پونديون. بکن ۽ بيمارين کان بچڻ لاء گھر جا اڌ ڀاتي ڪراچي موڪليو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ ٻڏي آهي. روڊن جي ٻنهي پاسن کان ويٺل لکين ٻوڏ متاثرين عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرين ماڻھن وٽ خوراڪ ناهي مڇرن ۽ ٻين بيمارين جي ماڻھو مري رهيا آهن ماڻهن جي ڪا بہ واھر نٿي ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت ڊراما ڪري رھي آھي وفاقي حڪومت گم آهي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي زوري ٻوڙيو ويو آھي،خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن پيپلزپارٽي پندرهن سالن کان ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي پيپلزپارٽي مسلسل سنڌ جي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيئن ڪوڙا ڀوپا ۽ عامل جن ڪڍندا آھن تيئن قوم جي ڀٽڪيل ماڻھن مان ڪا غيبات ڪڍجي، نہ تہ ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمرانن ھٿان تباھ ۽ برباد ٿي وينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو