سنڌ جا بي ٽيڪ انجنيئر حق نه ملڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا

سنڌ جا بي ٽيڪ انجنيئر حق نه ملڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا

سکر(امداد علي ڪلوڙ) سنڌ جا بي ٽيڪ انجنيئر حق نه ملڻ ڪري سراپا احتجاج حيدرآباد سميت ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٻين شھرن جي بي ٽيڪ  انجنيئرن حقن جي حاصلات لاءِ بيراج ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. ريلي سنڌ بي ٽيڪ انجنيئرز ايسوسيئٽس جي صوبائي صدر محمد اعظم ميمڻ، سيوا سنڌ جي صدرمحمد آصف جلباڻي، الطاف حسين شيخ، منيراحمد موريو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جنهن ۾ آبپاشي کاتي، زراعت، روڊس اينڊ سروسز، بلڊنگس ۽ ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ بي ٽيڪ ڊگري هولڊر شريڪ هئا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته وڏي وزير کي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي غلط تشريح ڪري کيس گمراه ڪيو ويو آھي سنڌ حڪومت جا ڪجھ عهديدار پاڪستان انجنئرنگ ڪائونسل سان ملي ڀڳت ڪري بلڪ ميلنگ پيا ڪن پر اعليٰ عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ ۽ جائز حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رهندي. هنن چيو ته احتجاج  جي شروعات سکر کان ڪئي آھي ۽ ڪراچي پريس ڪلب تي به مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته حق ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ سنڌ اندر ڪم ڇڏ هڙ تال ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو