ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد اظهر پراسرار طور قتل، سندس تشدد ٿيل لاش ايڌي جي سرد خاني مان مليو آهي، محمد اظهر ايم ڪيو ايم جو عهديدار به هو پوليس جو چوڻ آهي ته محمد اظهر هڪ هفتي کان گم هو ۽ اوچتو سندس قتل جي خبر سامهون آئي آهي. ايڌي ذريعن جو چوڻ آهي ته مھتاب نالي شخص اظهر جو لاش ايڌي سرد خاني ۾ رکرائي هليو ويو. اظهر خان جي پوسٽنگ نيو ڪراچي واري علائقي ۾ هئي. پوليس موجب اظهر خان جو پنهنجي ساِلي عافيا سان جهيڙو ٿيو هو، ان دوران سندس مڙس مھتاب آيو، جنهن اظهر خان کي قتل ڪيو. لاش سول اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران اظهر خان جي موت جي تصديق بعد جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي لاش ڪار ۾ کڻي ايڌي سرد خاني رکرايو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جون 2 شاديون ٿيل آهن ۽ سندس وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون










