سنڌ اندر پيراميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن جي اسپتالن اڳيان پيراميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان برڪت چانڊيو مطابق پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ڪي اين شاھ پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ بدرالدين ملاح، مجاھد لغاري، شڪيل چانڊيو، نواز گاڏھي، محبوب زنگيجو، شاھ محمد لغاري، اسدالله لاکير، ايم بي ملاح، عبدالرسول گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان پيراميڊيڪل وارن جو هيلٿ الائونس 50 سيڪڙو پنجاب جي پيراميڊيڪل جيتري ڪئي وڃي. *** نوشهروفيروز مان مشتاق مري موجب جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي 15 جنوري جي ڏنل احتجاجي ڌرڻي جي سڏ تي سڄي سنڌ جيان سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ پڻ بيداري مھم جو سلسلو جاري آھي پيراميڊيڪل عملي ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو

ان موقعي تي پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن محمد اشرف قريشي، اعظم ڀٽو، بشير ٻرڙو، راھب علي تڳر فدا حسين راڄپر ۽ ٻين چيو ته پھرئين جنوريءَ کان پنجين جنوريءَ تائين ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ 6 جنوري کان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. *** لکي غلام شاهه مان نثار منگي مطابق تعلقه اسپتال ۾ ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي چيئرمين ڊاڪٽر نطير حسين ميمڻ، نادر علي منگي، الله ڏنو مھر، عبدالقادر لاشاري، آغا حيدر علي خان، ڊاڪٽر غلام حسين منگي، عبدالوحيد سومر، خالد حسين مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق صحت کاتي سول اسپتال مورو جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽيڪچر، 30 سيڪرو ھيلٿ پروفيشنل الائونس ڏيارڻ سميت رڪوري ليٽر جي منسوخي سميت سمورن جائز مسئلن جي حل لاءِ سول اسپتال مورو ۾ ملازمن 2 ڪلاڪ ٽوڪن ڇڏ ھڙتال ڪري ڊاڪٽر محمد يوسف نول، ڊاڪٽر اسد الله ڪلھوڙو, ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ، راضي خان عالماڻي، اسلم ڏاھري، منظور ڀنگر، شريف ڪوريجو، غلام نبي وسڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

*** ميهڙ مان غلام حسين پنهور مطابق پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن رجسٽر 2076 تعلقه ميهڙ جي جوائنٽ ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد آعظم پنهور، واجد پنهيار، غلام مرتضي ٿيٻو، نياز ڏيپر، زاهد مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. *** ڀريا سٽي مان شمشاد علي منگي مطابق رورل ھيلٿ سينٽر ڀريا سٽي ۾ پاڪستان پيراميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ عامر علي ميمڻ،  سلطان احمد جوڻيجو، محمد اڪرم راجپوت، شھناز رانجھاڻي ۽ لياقت ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ملازمن جو چوڻ هو ته نئين سال جي آغاز ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پنھنجي حقن جي حصول لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آھي جيڪا مطالبن جي مڃتا تائين جاري رھندي. انھن چيو ته ٽائيم اسڪيل ، پروفيشنل الائونس ڏيئي رڪوري ليٽر جو فوري طور خاتمو آندو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف جا ملازم 15 جنوريءَ تي ڪراچي پريس ڪلب سامھون پنھنجا جائز مطالبا ضرور مڃرائيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو