سنڌ اندر وزيرن جون کليل ڪچهريون، ڪم گهٽ، آسرا گهڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي صوبائي وزيرن ۽ مشيرن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کليل ڪچهريون ڪيون. کليل ڪچهرين دوران عوام شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪچهري بدنظمي جو شڪار ۽ ڪيترن جاين تي ضلعي انتظاميه پاران اڻپورا انتظام ڪيا ويا. جڏهن ته عوام پاران شڪايتون پهچائڻ لاءِ سائونڊ سسٽم جو ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو صرف وزير ۽ مشير ماڻهن کي ٺلها دلاسا ڏيندا رهيا. ان حوالي سان سکر مان امداد علي ڪلوڙ مطابق وزير اعليٰ سنڌ جي حڪم تي عوام جا مسلا حل ڪرڻ لاءِ سرڪٽ ھائوس سکر ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ کي عوام پنهنجا مسئلا  ٻڌايا.  کلي ڪچھري ۾ ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ميئر ارسلان شيخ ۽ ٻين محڪمن جي آفيسران به شرڪت ڪئي.

کلي ڪچھري ۾ عوام شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. شهرين چيو ته عوامي منتخب نمائيندا اسان جي شڪيتن ٻڌندا آھن پر مسئلا حل نه ٿيندا آھن صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ مسئلا حل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو کلي ڪهچري ۾ عوام جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. *** جيڪب آباد مان عبدالنبي شيخ مطابق صوبائي وزير سهيل انور سيال پاران جيڪب آباد جي ڊي سي آفيس ۾ عوامي شڪايتون ٻڌڻ لاءِ کليل ڪچهري ڪئي جنهن ۾ ايم پي ايز ڊاڪٽر سهراب سرڪي، مير ممتاز جکراڻي، مير اونگزيب پنهور، ڊي سي غضنفر علي قادري، پ پ پ اڳواڻن مير رحمت الله کوسو،عارف دايو ۽ سميت مختلف اسڪولن جي استادن توڙي عام ماڻهن شرڪت ڪئي. ضلعي انتظاميه پاران اسٽيج ننڊو ٺاهڻ سبب صوبائي وزير سهيل انور سهيل اڪثر اسٽيج تي ويٺل ماڻهون ظاهر نه پيا ٿين. عام ماڻهن پاران لائوڊ اسپيڪر ذريعي شڪايتون ڪرڻ باوجود سندن دانهن ٻڌي نه وئي.اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري ارم ابڙو جا وارث ۽ صرافا يونين وارا کليل ڪچهري ۾ پهچي ويا.صرافا اڳواڻن پاران سهيل انور سهيل آڏو پوليس تي جانبداري جا الزام مڙهيندي چيو ته اسان مٿان پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي ۽ شهرين کي پوليس تنگ ڪري پئي جنهن جي خلاف اڄ صرافا بازار ڪري اسان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون.ارم ابڙو جي امڙ ضميران سندس ڀاءُ نجاد ابڙو کليل ڪچهري ۾ دانهيندي چيو ته اسان سان ناانصافي ٿي آهي اسان جي نياڻي ارم جي لڄالٽ وئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي پيدا ٿي آهي هن چيو ته سميع الله سرهيو سندس ڀائرن زنا واري ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون جنهن خلاف اسان سول لائين ٿاڻي تي قتل جي ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.ٻنهي ڌرين جي ڇڪتاڻ ۽ الزام بازي جاري رهيون ته پ پ پ اڳواڻ ديدار جکراڻي مائيڪ کڻي پوليس جي حمايت ۾ دونهيدار تقرير ڪئي ۽ چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي هڪ ايماندار ۽ سچو آفيسر آهي جنهن جيڪب آباد ضلعي ۾ ڏوهن جي پاڙ پٽي منشيات ۽ جوا جا اڏا بند ڪرائي عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو آهي اسان اهڙي ايماندار ايس ايس پي کي سلام پيش ڪيون ٿا هن چيو ته صرافا يونين کي استعمال ڪيو پيو وڃي هڪ نياڻي جي لڄالٽ وئي آهي ۽ سندس امڙ انصاف لاءِ واجهائي رهي آهي پر ان جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جيڪڏهن ايس ايس پي متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪري رهيو آهي ته ان کي جلوسن ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مٿس ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن.

ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انور سهيل ٻنهي ڌرين سان ڳالهيون ڪري مامعلي جا پاڻ جاچ ڪرائڻ جو يقين ڏياريو ويو. *** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق سنڌ جي وڏي وزير جي ھدايتن  تحت ڪنڌڪوٽ  مني اسٽيڊيم  ڀرسان صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پاران کلي ڪچھري  منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي، اي ايس پي سعد خان، ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين  مير راشد خان سندراڻي، پ پ ضلعي صدر گل محمد جکراڻي، جنرل سيڪريٽري  الطاف احمد کوسو، ڪشمور ٽائون چيئرمين اسرار احمد کوسو سميت مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** سجاول مان سليم ملاح مطابق وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاھ جي هدايتن تي صوبائي وزير براءِ ٻهراڙي جي ترقي، پبلڪ هيلٿ ۽ معدنيات و معدني ترقي مير شبير علي بجاراڻي پاران ڊي سي آفيس سجاول گرائونڊ ۾ کلي ڪچهري ڪئي وئي. صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي چيوته پاڪستان پيپلز پارٽي غريب عوام جي پارٽي آهي، ماڻهن کي ان جي گهر جي دروازي تي انصاف جي فراهمي لاءِ اڄ هي کلي ڪچهري ڪري رهيا آهيون. کلي ڪچهري ۾ شهرين پاران صحت، تعليم، روينيو، پبلڪ هيلٿ ۽ هاءِ وي متعلق ڪيل درخواستن تي صوبائي وزير يقين ڏياريندي چيوته هر هڪ جو جائز مسئلو ضرور حل ٿيندو. کلي ڪچهري دوران شهرين جون گهڻيون شڪايتون انفرا اسٽرڪچر تي هيون، هنن ٻڌايو ته هي ضلعو 2013 ۾ ٺهيو آهي پر هيستائين انهي ۾ سرڪاري آفيسون به نه ٺهي سگهيون آهن جنهن ڪري آفيسرن سان گڏوگڏ شهرين کي پڻ پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. کلي ڪچهري دوران صوبائي وزير شهرين کي يقين ڏياريو ته هتي سرڪاري آفيسون ترجيحي بنيادن تي ٺهرايون وينديون جيڪڏهن سرڪاري آفيسون ئي نه هونديون ته پوءِ عام ماڻهن جا مسئلا ڪيئن حل ٿيندا.

*** خيرپور مان محمد علي جانوري مطابق صوبائي وزير اطلاعات ۽ ليبر سعيد غني وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي خيرپور جي سرڪٽ هائوس ۾ پرهجوم کليل ڪچهري کي خطاب دوران عوامي مسئلا سچائي ۽ ايمانداريءَ سان حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي صوبي جي  عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سڄي صوبي ۾ کليل ڪچهريون ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو آهي، مسئلن جي نشاندهي بعد انهن جو تڪڙو حل ڳوليو ويندو ۽ عوام کي بنيادي سهولتون سندن دروازن جي چانئٺ تي فراهم ڪيون وينديون. کليل ڪچهري دوران ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه، ايم پي اي منور وساڻ، چيئرمين ضلع ڪائونسل خيرپور شهريار وساڻ، ڊپٽي ڪمشنر محمد نعيم سندهو ۽ ايس ايس پي عمر طفيل سميت سمورن سرڪاري کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت سعيد غني امن امان جي شڪايتن تي ڳالهائيندي ايس ايس پي خيرپور کي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سمورن کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اُهي رُڳو سرڪاري گاڏين ۾ گهمڻ ۽ مراعتون نه وٺن پر آفيسن کي پابندي سان وقت ڏين ۽ ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن شڪايتن تي آفيسر ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪن ته ان بابت ميسيج ڪري يا خط لکي آگاهي ڏيو، حڪومت انهن آفيسرن خلاف ڪارروائي ويندي. بجلي جي واڌو بلن، لوڊشيڊنگ، گئس جي پريشر ۾ گهٽتائي ۽ ٻين زيادتين بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني چيو ته سوئي گئس ۽ واپڊا جون سنڌ جي عوام سان ڪراچي کان ڪشمور تائين تمام گهڻيون زيادتيون آهن، گئس تي پهريون آئيني حق سنڌ جو آهي ڇاڪاڻ ته هتان گئس نڪري ٿي تنهن هوندي به وفاق پاران زيادتيون ڪيون پيون وڃن ۽ سيارو ايندي ئي گئس جو پريشر گهٽ ڪيو وڃي ٿو، بجلي ۽ گئس جي مسئلن بابت وزيراعليٰ سنڌ ايندڙ سي سي آءِ اجلاس ۾ آواز اٿاريندو ۽ انشاءَ الله صوبي کي پنهنجا حق وٺي ڏنا ويندا.

خيرپور ضلعي ۾ اسڪولن جي عمارتن تي قبضن ۽ اسڪول بند هئڻ جي شڪايت تي صوبائي وزير تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي بند پيل اسڪولن بابت رپورٽ ڏني وڃي ۽ اسڪولن تان قبضا فوري ختم ڪرايا وڃن ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه کان مدد ورتي وڃي. صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت ايريگيشن جي بک هڙتالي ملازمن ۽ شڪايتون ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته ايريگيشن ۽ اسڪارپ ملازمن جا مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سان ڳالهايو ويندو ۽ ملازمن کي حق ڏنا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته زرعي سڌارن لاءِ جامع رپورٽ ٺاهي وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي. صوبائي وزير اطلاعات خيرپور جي سول اسپتال سميت ٻين اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ صحت کاتي سان لاڳاپيل ٻين شڪايتن بابت چيو ته دوائن ۽ ويڪسين جي کوٽ بابت لاڳاپيل اختيارين ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ صوبي جي عوام کي صحت جون سموريون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي هن چيو ته ٽائون ڪميٽي ڪوٽڏجي سميت ٻين ٽائونز ۽ ميونسپل ۾ وائيٽ ڪالر ملازمن بابت تفصيل گهرايا آهن، صفائي سٿرائي لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن ان سلسلي ۾ ڪابه لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. صوبائي وزيراطلاعات سعيد غني ان موقعي تي آبادگارن پاران کاتا بدلي ۽ منتقلي ۾ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڊي سي خيرپور کي هدايت ڪئي ته کاتن جي تبديلي ۽ جعلي کاتا ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪڏهن سندس اختيار کان ٻاهر آهي ته اعليٰ اختيارين کي لکيو وڃي ته جيئن اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ملوث روينيو آفيسرن ۽ تپيدارن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت چيو ته 5 هزار رپيا اُجرت ڏيڻ قانوني طور ڏوهه آهي ان سلسلي ۾ نشاندهي ڪئي وڃي ۽ 5 هزار رپيا ماهوار اجرت ڏيندڙ ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. بعد ۾ صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني پريس ڪلب خيرپور جو دورو ڪيو،

ان موقعي تي سرپرست اعليٰ خان محمد، جنرل سيڪريٽري مٺل کهڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صوبائي وزير صحافين کي خاطري ڪرائي ته سندن مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، مسئلن بابت لکت ۾ به آگاهه ڪيو وڃي. *** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق منعقد ڪيل کليل ڪچهري ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير، بلديات ۽ فاريسٽ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته موجوده وفاقي حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ هُن جي قيادت خلاف ڪات ڪُهاڙا کنيو ويٺي آهي جڏهن اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان معصوم قرار ڏئي چُڪي آهي ته پوءِ انهي خلاف نيب گردي جو ممڻ ڇو مچايو ويو آهي ۽ منگهڙت ريفرنس تيار ڪيا پيا وڃن پر اسان جا مرڪزي اڳواڻ ته ڇا پر عام ڪارڪن به اهڙين سازشن ۽ انتقامي ڪاروائين کان نه اڳ ڪڏهن ڊنا آهن نه ئي هاڻ ڊڄندا هن چيو ته بلدياتي چونڊون 2020 ۾ ٿينديون ۽ ايندڙ بلدياتي نظام موجوده نظام کان وڌيڪ بهتر مستحڪم ۽ با اختيار هوندي ۽ اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پڻ اها خواهش آهي ته ايندڙ بلدياتي نظام کي وڌيڪ با اختيار بنايو وڃي ۽ معاشي اختيار پڻ ڏنا وڃن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حڪم ڏنو هو ته سنڌ جي ٻيلي کاتي جي زمين تي 100 سيڪڙو وڻ پوکيا وڃن پر اسان عدالت سڳوري ڏانهن انهي فيصلي جي نظر ثاني لاءِ قانوني ٽيم موڪلي آهي ۽ اها گذارش ڪئي آهي ته ٻيلي کاتي جي زمين کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ اها زمين مقامي آباد گارن کي ليز تي ڏني وڃي ته جيئن اُتي وڻ به پوکي سگهجن ۽ آبادي ڪري سگهجي هڪ سوال تي هن چيو ته موجوده وزير اعظم نيازي سنڌ جي حصي جا گذريل سال به اربين روپيا نه جاري ڪيا آهن ۽ هن سال به پيسا گهٽ ڏنا آهن فنڊز نه هوندا ته ترقياتي ڪم اثرائتي انداز سان نه ٿي سگهندا. منعقد ڪيل ڪچهري ۾ پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، ضلعي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ، نوابشاهه ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين عظيم مُغل، ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر، ايس ايس پي تنوير حيسن تنيو، پ پ جنرل سيڪريٽري غلام شاهه لغاري اسٽيج تي ويٺل هُيا.شڪارپور مان عبدالخالق سومرو مطابق ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاهه ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي. کلي ڪچهريءَ ۾ عوامي مسئلا ٻڌڻ بعد کلي ڪچهري ۽ پريس سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاهه چيو ته کلي ڪچهريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون پوليس، روينيو، صحت، تعليم، پبلڪ هيلٿ ۽ سوئي گيس کاتي خلاف ڪيون ويون، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ميونسپل، سيپڪو، ايريگيشن ۽ ٽرانسپورٽ کاتي خلاف پڻ شڪايتون ڪيون. هن ايس ايس پي شڪارپور جي کلي ڪچهريءَ ۾ عدم شرڪت تي براهميءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ايس ايس پي شڪارپور هن کلي ڪچهريءَ کي اهميت نه ڏيندي هڪ ڊپارٽمينٽل ميٽنگ جو بهانو بنائي غائب آهي ۽ ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ کي نمائندي طور موڪليو اٿس جنهن کي مسئلن جي حل جي ڪا سڌ ٻڌ ناهي ۽ صحي طور تي شڪايت ڪندڙن جا مسئلا ٻڌڻ کان به ڪاسر آهي.

هن چيو ته هن کلي ڪچهريءَ ۾ عوام پاران امن امان جون تمام گهڻيون شڪايتون ڪيون ويون آهن ۽ هتي سڀني ٻڌو ته مقتول سعيد جکري جي امڙ انصاف لاءِ ڪيڏيون دانهون ڪيون پر پوليس عجيب قسم جا سبب ڄاڻائي ڪيس کي لئه مٽي ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس جي نمائندي کي چونڪين ۽ ٿاڻن جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي ۽ ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج عبدالرشيد لوڌهي، ايوب ڍوگر ۽ گلشير سيٺار خلاف شڪايتون ٿيون آهن ۽ ائين پيو لڳي ته انهن پوليس آفيسرن شڪارپور کي پنهنجي ڪيٽي ٺاهيو هجي. گڏجاڻيءَ ۾ ايم اين اي مير عابد ڀيو کان علاوه پ پ پ رهنماءُ ذوالفقار ڪماريو، لعل بخش پٺاڻ، ميان عبدالباقي، جاڳڻ خان، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين سڀني کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق سنڌ ۾ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزير اعلي سنڌ جي خصوصي هدايت تي خصوصي صلاحڪار وير جي ڪولهي عوامي کلي ڪچهري ڪرڻ لاءِ دادو پهتو انتظاميا شهر جي مسئلن جي حل لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جي شرڪت بجاء سرڪاري ملازمن ۽ من پسند سليڪٽ ٿيل ماڻهن کي گهرائي ضلع ڪائونسل هال جي کالي پيل ڪرسين کي ڀريو ويو،جنهن ۾ مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم عوامي مسئلن کان پري رهيا. کلي ڪچهري جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام پوليس وڏي انگ ۾ نفري موجود کلي ڪچهري ۾   شهري رضوان ميمڻ ضلع انتظاميه سميت ٻين ادارن تي کليل ڪچهري ۾ دانهيو ته ميونسپل ڪاميٽي دادو شهر اندر صفائي سٿرائي نه ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويئي آهي،سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت دوائون اڻلپ آهن ،خزانه آفيس ۾ هر ننڍي ڪم تي رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، سئي گئس آفيس جي عملي پاران گئس پريشر گهٽ هجڻ ڪري ڪاٽيون ٻاري رهيا آهيون،پبلڪ هيلٿ انجنيئر کاتي پاران ڪاغذن ۾ اسڪيمون آهن پر اهي اسڪيمون صرف ڪاغذن ۾  موجود آهن ۽ ڪاڇي اندر آرو پلانٽ ناڪاره ٿي ويا آهن۽ شهر اندر واٽر سپلاء پاڻي ناياب ٿي ويو آهي ۽ تعليم کاتي جي نااهلي تي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، شهري رفيق پنهور دانهيو ته 435 بيڊن  تي مشتمل هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو ڪم رولهڙي جو شڪار آهي ۽ ٻين شهرين امن امان سميت شهر جي بنيادي مسئلن تي شڪايتن جا  انبار  لڳايا، جڏهن کلي ڪچهري ۾ پنهنجي حقن لاء آواز بلند ڪرڻ لاء معذور شخص خصوصي صلاحڪار کي درخواست ڏيڻ لاء اسٽيج تي پهتو ته خصوصي صلاحڪار سرڪاري ملازمن ۽ جيالن سان سيلفيون ٺاهي رهيو هيو معذور شخص پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ لاءِ پريشان نظر آيو،خصوصي صلاحڪار وير جي ڪولهي ڪچهري ۾ صفائي سٿرائي،صحت آبپاشي سميت ٻيا مسئلا ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ تائين توهان جا مسئلا پيش ڪيا ويندا ۽ حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي ايم اين اي دادو رفيق احمد جمالي، چيئرمين ضلع دادو اشرف خان سولنگي، ڊپٽي ڪمشنر دادو راجا شاه زمان کهڙو سميت ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. *** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم بعد پبلڪ لائبرري مٽياري ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي پاران کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي کليل ڪچهري ۾ عام عوام بجاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ پي پي ورڪرن جي اڪثريت حاوي رهي. کليل ڪچهري ۾ شهرين لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ، ايجوڪيشن، صحت، ايريگيشن، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. *** نوشهروفيروز مان مشتاق مري مطابق ڪميونٽي هال ۾ وڏي وزير جي قانون ۽ ماحوليات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جي کليل ڪچهري ۾ شهرين نوشهروفيروز کي ضلع جو درجو نه ملڻ، سول اسپتال کي اپ گريڊ نه ڪرڻ ۽ عوام کي صحت جون سهولتون نه ملڻ، ٽائون ڪاميٽي کي ميونسپل جو درجو نه ڏيڻ، شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ فلٽر پلانٽ نه هجڻ سميت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سول اسپتال وارو مسئلو بلڪل جائز آهي جنهن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير صحت واري صوبائي وزير کي به دورو ڪري صورتحال کان واقف ڪرڻ جو چيو هو ۽ هاڻي ان بابت ڪاغذي ڪارروائي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ جلد اسپتال اپ گريڊ ٿيندي ان کان علاوهه نوشهروفيرز جي ٽائون ڪاميٽي کي ميونسپل جو درجو ڏيارڻ سميت ٻين مسئلن لاءِ وڏي وزير آڏو آواز اٿاري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندس ۽ اميد آهي ته ضلعي نوشهروفيروز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي پ پ ايم پي اي سيس سرفراز حسين شاهه، ممتاز علي چانڊيو، ضياءُالحسن لنجار، فيروز جمالي سميت مختلف کاتن جا صوبائي سيڪريٽري ۽ ضلع جا آفيسر موجود هئا. *** ميرپور ماٿيلو مان ظهير وسير مطابق ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي آفيس اندر صوبائي وزير فراز ڏيرو پاران کليل ڪچهري جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو، اوٻاوڙو، خانپور مهر سميت گهوٽڪي شهر جي سوين ماڻهن پهچي صوبائي وزير اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن جڏهن ته کليل ڪچهري ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار محمد بخش خان مهر، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سردار مير شهريار خان شر، صوبائي صلاحڪار بنگل خان مهر سميت مختلف تڪن جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. جڏهن ته کليل ڪچهري دوران ايم پي اي سردار مير شهريار خان شر پڻ منسٽر اڳيان مقامي ڀاڻ فيڪٽرين جي مقامي ماڻهن ڏاڍ جي روين توڙي ڇتي ڪتي ۽ نانگ ڪکجڻ جي ويڪسين جي کوٽ جون شڪايتون هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن پڻ صوبائي وزير فراز ڏيرو اڳيان نوڪري جي بحالي لاءِ احتجاج ڪيو قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار محمد بخش خان مهر برطرف ملازمن کي مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. *** مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي طرفان ريسٽ ھائوس ۾ عوامي مسئلن کي ٻڌڻ جي لاءِ کلي ڪچهري رکي وئي کلي ڪچهري ۾ ٿرپارڪر واسين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا عوام سان گڏ ٽن چونڊيل نمائندن به شڪايتون ڪيون. ريسٽ هائوس ۾ رکيل ڪچهري ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي، ايم پي اي ارباب لطف اللّه، ايم پي اي فقير شيرمحمد،ايم پي اي قاسم سومرو،ايم پي اي راڻا ھميرسنگهه،سينيٽر ڪرشنا ڪماري، سينيٽر گيانچند، وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ پونجو مل ڀيل کٽومل جيوڻ، ڊي سي ٿرپارڪر شھزاد طاهر ٿهيم،ايس ايس پي عبدالله احمد يار،ضلع چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو،ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي ۽ ٻين ضلع جي مختلف آفيسرن شرڪت ڪئي. کلي ڪچهري ۾ شريڪ شھرين ٿرپارڪر صحت، تعليم جي سهوليت جي کوٽ، آر او پلانٽن جي آپريٽرن پگهارون نه ملڻ، آءِ بي اي استادن پاران ريگيولر نه ڪرڻ، يوسي ڪائونسلن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ، اسڪول بند هجڻ، مٺي کي گيس جي سهوليت ڏيڻ، سول اسپتال ۾ سهوليتن جي کوٽ، سٽي سروي نه ٿيڻ سميت پوليس ۽ روينيو جي مختلف مسئلن جون شڪايتون ڪيون ۽ درخواستون ڏنيون. *** لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو مطابق صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ نه ملڻ ڪري سنڌ ۾ گهڻي وقت کان ترقياتي ڪم بند آهن. جڏهن ته سي سي آءِ جي ميٽنگ به نه پئي ڪرائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ٽائون هال لاڙڪاڻي ۾ کليل ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هي کليل ڪچهريون ضلعي سطح تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي ڪيون پيون وڃن ته جيئن ماڻهن جا مسئلا سندن درن تي حل ڪري سگهجن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف درپيش نه اچي. هن چيو ته سڄي ملڪ کي جنهن روشن ڪيو اهو سج شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي روپ ۾ لاڙڪاڻي مان اڀريو جنهن عوام جي حقن خاطر پاڻ پتوڙيندي پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪيو. هن چيو ته پ پ پ هميشه عوام جي حقن لاءِ وڙهي رهي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي حقن جي خاطر جيڪا جنگ شروع ڪئي هئي اها اڄ به هلي رهي آهي ۽ ان جي اڳواڻي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جا قائدين چوندا آهن ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي. هن چيو ته عوام جي خاطر شهيدن جيڪي جنگيون وڙهيون ان ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان اڳتي آهي. کليل ڪچهري ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم اين اي آپا نصيبان چنا، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد نعمان صديق، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش، ميئر لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن خير محمد شيخ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل خان محمد سانگهرو، پ پ پ اڳواڻ اعجاز لغاري کانسواءِ ٻيا پ پ پ اڳواڻ توڙي ڪارڪن، معزز شهري ۽ مختلف مڪتب وفڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهو موجود هئا. *** ميرپورخاص مان سيد بشير شاهه مطابق وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي جي خصوصي ھدايتن تي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرھ فضل پيچوھو پاران ڪمشنر آفس ڪمپليڪس ۾ کلي ڪچھري منعقد ڪري عوام جا مسئلا ٻڌا. انھي موقعي تي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي  رهي آهي ۽ اھي سبب آهن جو اسان ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سندس در تي وڃي رھيا آھيون. کلي ڪچھري  ۾ ماڻهن مختلف کاتن خلاف شڪايتون ۽ مسئلا بيان ڪيا جنهن ۾ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ سھولتن جي کوٽ مريضن کي دوائون ۽ ايمبولينس سروس مھيا نه ٿيڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري جون شڪايتون شامل ھيون. عوامي مطالبي تي صوبائي وزير يقين ڏياريو ته ميرپورخاص ۾ ھڪ ميڊيڪل ۽ انجنيرنگ يونيوسٽي جو قيام ۽ اين آءِ سي وي ڊي (( دل جي بيمارين جي اسپتال )) جي اسپتال جو قيام عمل ۾ آندو ويندوـ عوامي شڪايت تي صوبائي وزير ڊسٽرڪٽ  ھيلٿ آفيسر کي ھدايت ڪئي ته سرڪاري اسپتالن ۽ صحت مرڪزن تي ڪتي ۽ نانگ جي چڪڻ جي علاج جي ويڪسين جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ايندڙ مريضن کي مفت لڳايون وڃن ۽ اسپتالن جي حالت درست ڪبي.

پهنجو تبصرو موڪليو