سنڌ اندر مختلف واقعن ۾ نينگري سميت 2 ڄڻا فوت، 21 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ ڪري نينگري سميت 2 ڄڻا فوت، 20 زخمي ٿي پيا جنهن کي مختلف مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪشمور مان اصغر علي چانديو مطابق انڊس هاءِ وي تي نائچ ڳوٺ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 سالن جي ٻارڙي رخسانا کوسو ٿڏي تي فوت ٿي وئي. موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا يار محمد کوسو ۽ شاهنواز سومرو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ڪشمور جي نجي اسپتال آندو ويو جتي شاھنواز سومرو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪشمور پوليس موجب نائچ پيٽرول پمپ وٽان موڙ ڪراس ڪندي يار محمد کوسو ۽ ڳوٺ عبدالله مزاري واسي شاھنواز سومرو جو آمھون سامھون ٽڪر ٿيو جنهن کي اسپتال پهچايو آهي. *** خانپور مهر مان زبير گل مطابق انڊس هاءِ وي جتوئي ڪانٽا وٽ تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ڳوٺ هزار خان پهوڙ جو رهواسي حسين بخش پهوڙ ٽرالر جي هيٺان اچي چيپاٺجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو پنجاب واسي امجد حسين زخمي ٿي پيو زخمي کي موقعي تي ئي موجود ماڻهن خانپور اسپتال پهچايو.

زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور روانو ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوتي جو لاش ٽرالر ۾ فاٿل هجڻ سبب ڪرين گهرائي فوتي  جو لاش ڪڍيو ويو. پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور ۽ ڪلينڊر کي گرفتار ڪري ورتو آهي *** ڳڙهي خيرو مان جاويد لغاري مطابق ڳوٺ شير محمد بروھي  ۾ معمولي ڳالهه تان بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري محمد صادق بروھي، عبد الله،  عبد الستار، مخالف ڌر جي ماڻھن زرينبو بروھي، راضي، محمد حسن، غلام نبي، امان الله بروھي سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين مٿان اين سي داخل ڪري ورتي آهي. *** ڊگهڙي مان بشير شاهه مطابق مقصود واٽر تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار فضل ڀنڀرو لڳ ڳوٺ ڌڻي بخش مرڙاڻي واسي پيرسن غلام محمد ولد هوت مرڙاڻي زخمي ٿي پيو.

زخمي کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي. ڪار ڊرائيور ڪار ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو. ڪار کي پوليس تحويل ۾ وٺڻ بعد ٿاڻي تي ڪاهي آئي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق ڳوٺ ڪلري ۾زمين جي پراڻي تڪرار تان گائينچا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻن ۾  ھڪ ڌر جا احسان گائينچو زاهد گائينچو ٻي ڌر جو اجمير گائينچو زخمي ٿي پيا ڌرين وڏا ڇڇر ٿاڻي تي اين سي ڪرائي ليٽر وٺي سن هيلٿ سينٽر منتقل ڪيا ويا آخري اطلاعن تائين ڪاب گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

ٻئي طرف انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان ڳوٺ وڏا ڇڇر ويندڙ ڪار موڙ ڪاٽيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور جهانگير ڇڇر ۽ جمال الدين ڇڇر زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زخمي هڪ ڪلاڪ تائين تڙپندا رهيا جنهن تي سندن وارثن مولا بخش ڇڇر ۽ ٻين سخت احتجاج ڪرڻ کان پوءِ ريفر ليٽر وٺي زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو کڻائي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو