ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اندر اسڪولن ۾ سرديءَ جون موڪلون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري تعليم سنڌ احسن منگي چيو آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ سرديءَ جو موڪلن ۾ اضافو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته شيڊول مطابق موڪلون اڄ تائين هيون ۽ سڀاڻي کان اسڪول معمول موجب کوليا ويندا. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف حصن ۾ ٿڌ ۾ اچانڪ واڌ اچڻ کان پوءِ اها اميد ظاهر ڪئي وئي هئي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ سردي جي موسم وارين موڪلن ۾ به هڪ هفتي تائين اضافو ڪيو ويندو. ٻئي طرف ٿڌ ۾ اضافي سبب خيبر پختون خواهه جي اسڪولن ۾ سردين جي موڪلن ۾ 7 جنوريءَ تائين اضافو ڪيو ويو آهي.










