سنڌ اندر روڊ حادثن سبب 3 ڄڻا فوت، 11 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا پيش اچڻ ڪري هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو. *** وارھ مان طالب حسين چانڊيو موجب ميت دفنائي موٽندڙن ڪانڌين جي ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا وزير علي لاشاري، ڊاڪٽر اسماعيل لاشاري، رب نواز لاشاري سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي وزير علي لاشاري فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٻن ڄڻن جي حالت پڻ تشويشناڪ ٻڌائي پئي وڃي. **** شاهپور جهانيان جو صحافين ۽ روزاني سنڌيار جو رپورٽر اسد ٻگهيو پنهنجي پٽ ۽ نياڻي سان گڏ ڳوٺ کان شاهپور جهانيان گهر اچي رهيو هو تہ سندس موٽرسائيڪل روڊ جي چيلن ۾ اچڻ ڪري سلپ ٿي پئي ، جنهن سبب صحافي اسد ٻگهيو ، سندس پٽ مدثر رضا ۽ نياڻي ام ليلا سنڌو زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته صحافي جي پير جي هڏي ڀڄي پئي ، زخمين کي اسپتال آندو ويو جتي سندن طبي امداد ۽ مرهم پٽي ڪئي وئي. ***  ٽنڊوغلام حيدر مان مير حسن رند مطابق بس اسٽاپ نواب جي اوطاق ڀرسان روڊ تان ايندڙ پڪ اپ ڪيري گاڏي سامهون ايندڙ  موٽرسائيڪل سوار کي بچائيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويئي جنهن سبب گاڏي ڪلٽيون کائيندي هڪ وڏي کاهي ۾ وڃي ڪري جنهن جي ڪري  ڊرائيور نصير ٽالپر  سخت زخمي ٿي پيو ۽ پڪ اپ ڪيري ۾  ٻيا سوار ماڻھو معجزاڻي طور محفوظ رھيا. جڏهن ته زخمي ڊرائيور نصير ٽالپر گولاڙچي جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي.*** پيرڳوٺ مان صفي الله منڱڻيجو مطابق شاهه حسين باءِ پاس خيرپور انصاري سي اين جي وٽ تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار محمد عرس ميتلو سندس زال خورشيد بيگم، معصوم ٻارڙا عمران ميتلو، ارمِ ميتلو سخت زخمي ٿي پيا جن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.ٻئي طرف  شاهه حسين خيرپور باءِ پاس وٽ تيز رفتار ڪارِ سامهون هلندڙ پيڊل سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيون جنهن جي نتيجي ۾ پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ ڪوڏ ميتلو جو رهواسي پورهيت گل بهار ولد الهداد ميتلو موقعي تي فوت ٿي ويو آهي. *** ملير مان شهزادو مستوئي مطابق  ميمڻ ڳوٺ ڀرسان درگاھ وٽ تيز رفتار  موٽرسائيڪل بي قابو ٿيڻ سبب 20 ورهين جو حبيب الله پٽ سليمان جوکيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس زال ۽ معصوم ٻار سخت زخمي ٿي پيا اکين ڏٺن شاھدن موجب موٽر سائيڪل تيز رفتار ۾ اچي رھي  هئي اچانڪ ٽائر برسٽ ٿيڻ تي حادثو پيش آيو. عورت ۽ ٻار  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال روانو ڪيو. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوار زال مڙس درساڻو ڇنو جي ھاشم ڳوٺ جا رھواسي هئا جڏھن ته لاش وارث کڻي ويا آھن ۽ زخمي مقامي اسپتال ۾ زير علاج آھن.

جڏهن ته ٻن ڄڻن جي حالت پڻ تشويشناڪ ٻڌائي پئي وڃي. **** شاهپور جهانيان جو صحافين ۽ روزاني سنڌيار جو رپورٽر اسد ٻگهيو پنهنجي پٽ ۽ نياڻي سان گڏ ڳوٺ کان شاهپور جهانيان گهر اچي رهيو هو تہ سندس موٽرسائيڪل روڊ جي چيلن ۾ اچڻ ڪري سلپ ٿي پئي ، جنهن سبب صحافي اسد ٻگهيو ، سندس پٽ مدثر رضا ۽ نياڻي ام ليلا سنڌو زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته صحافي جي پير جي هڏي ڀڄي پئي ، زخمين کي اسپتال آندو ويو جتي سندن طبي امداد ۽ مرهم پٽي ڪئي وئي. ***  ٽنڊوغلام حيدر مان مير حسن رند مطابق بس اسٽاپ نواب جي اوطاق ڀرسان روڊ تان ايندڙ پڪ اپ ڪيري گاڏي سامهون ايندڙ  موٽرسائيڪل سوار کي بچائيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويئي جنهن سبب گاڏي ڪلٽيون کائيندي هڪ وڏي کاهي ۾ وڃي ڪري جنهن جي ڪري  ڊرائيور نصير ٽالپر  سخت زخمي ٿي پيو ۽ پڪ اپ ڪيري ۾  ٻيا سوار ماڻھو معجزاڻي طور محفوظ رھيا. جڏهن ته زخمي ڊرائيور نصير ٽالپر گولاڙچي جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو