ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) اڄ کان پوليو مھم جو آغاز ڪيو ويو آهي سنڌ جي مختلف ضلعن سميت ٽنڊومحمدخان ۾ به پوليو جون پوائٽون قائم ڪري صحت کاتي جا مرد ۽ ليڊي پوليو ورڪر پنھنجو فرض ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پوليو جي آغاز ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر منظر سرھيو، ڊبليو ايڇ او جي پي اي او ڊاڪٽر ميمونه عرفان، اي او سي سنڌ ڊاڪٽر مصطفيٰ قاضي پوليو پوائنٽن تي پھچي وزٽ ڪيو ۽ پوليو ورڪرن سان ملاقات ڪري حال احوال ورتا ۽ پوليو ورڪرن کي ھدايتون ڪيون ته پوليو مھم بھتر نموني ھلايو وڃي ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙي کان رھجي نه سگھي ڪوتاهي ڪندڙ خلاف سخت قدم کنيو ويندو. ضلعي ٽنڊي محمد خان سميت تعلقي بلڙي شاھ ڪريم ۽ تعلقي ٽنڊي غلام حيدر ۾ پوليو مھم شروع ڪئي وئي آهي پوليو مھم جي سلسلي ۾ سمورن اسپتالن صحت مرڪزن ۽ ضلعي جي ننڊن وڏن شھرن ۽ اسٽاپن تي پوليو جون پوائنٽون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ھر ڳوٺ ۾ پوليو جون ٽيمون لٿل آهن.










