سنڌ امن جي سرزمين آھي غير ملڪي پنھنجي ملڪن ڏانھن وڃن:زين شاهه

سنڌ امن جي سرزمين آھي غير ملڪي پنھنجي ملڪن ڏانھن وڃن:زين شاهه

ٽنڊومحمدخان (ن سنڌيار) سنڌ امن جي سرزمين آھي غير ملڪي پنھنجي ملڪن ڏانھن وڃن سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ نہ ڏينداسين اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ سنڌ ميڊيا ھائوس ٽنڊومحمدخان ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو ھن چيو تہ سنڌ کي نڌڻڪو سمجهي سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ آباد ڪري سنڌي ماڻھن جا حق غضب ڪيا پيا وڃن، بنگالين ۽ افغانين کي هتي رھائشون ڏئي کين شناختي ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن جيڪو عمل ناقابل برداشت آھي۔ ھن چيو ته سنڌ عالمي يتيم خانو نه آهي. سنڌ ۾ ڌارين کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو ۽ اسان سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. حڪومت پاران غيرملڪي پناھگيرن کي مدو پورو ٿيڻ باوجود نيڪالي ناھي ڏني وئي، سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آھي جن ھميشه اسان کي پيار ۽ محبت جو درس ڏنو آھي، پرامن سنڌ ڌرتي تي ھي افغاني سنڌي نوجوانن جي قتلن ۾ ملوث آهن. امير سنڌ جا ماڻهو بک وگهي پنهنجا ٻچا وڪڻي رهيا آهن ٻئي طرف ڌاريا ماڻهو سنڌ ۾ ڪوڙن ڊوميسائيلن تي اسان جي حقن تي ڌاڙو ھڻي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، پ پ پنھنجي ھر دؤر حڪومت ۾ ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو آھي،افغان ، بھاري، بنگالي، برمي پ پ جي حڪومتن ۾ سنڌ اچي آباد ڪيا ويا، زرداري جي صدارتي دؤر ۾ لکين پٺاڻن کي ريلون ڀري کڻي اچي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، انھن کي شناختي ڪارڊ سنڌ ۾ ٺاھي ڏنا ويا، رڪارڊ موجود آھي بلدياتي چونڊن ۾ اسان جا اميدوار پڻ موجود آھن جيڪا سنڌ يونائٽيڊ پارٽِي جو منشور گھر گھر پھچائي رھيا آھن اسان سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪرڻ ۽ غير ملڪي پناھگيرن جي بنا دير واپسي ڇاھيون ٿا ان موقعي تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽِي ضلعي ٽنڊومحمدخان اڳواڻ شاھد نور ميمڻ ـ ذوالفقار پپو ڀرڳڙي ـ ناظم نارو ـ شيبان عيساڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا ان کان اڳ سنڌ ميڊيا ھائوس جي سرواڻ جميل ميمڻ ـ ـ حبيب شيخ ـ آصف اعوڻ ـ علينواز ڀٽي ۽ ٻين مھمانن جو آڌرڀاء ڪيو ۽ سيد زين شاھ کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو