سنڌي وسندين کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

سنڌي وسندين کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

ملير(شهزادو مستوئي) سنڌي شهري وسندين ۾گندگي ۽ ترقياقتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف بلال ڪالوني ۾ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن  ۽ ڳوٺاڻن طرفان  گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جيڪي  گٽر جي پاڻي ۽ گندگي مان گذرندا نعريبازي ڪندا مک چوڪ تي پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳوان اعجاز سامٽيو چيو ته ملير جا ڳوٺ ۽ سنڌي آبادي وارا شهري علائقا علي محمد گبول ڳوٺ، بلاول ڪالوني، مهراڻ ٽائون، چڪرا ڳوٺ سميت ڪيترائي  علائقا  گذريل 25 سالن کان بنيادي سهولتون کان محروم آهن جتي گند ڪچري جا ڍير لڳل آهن. سيوريج سسٽم ناڪاره ۽ هر طرف بدبوءِ پکڙيل آهي.  احتجاج کي منير مگسي، پاڪستان تحريڪ تحفظ جي سائين بخش بنگلاڻي، جسقم آريسر اختيار چانڊيو، جسقم بشير جي حميد سرگاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سڄي ڪراچي گهمي ڏسو رڳو گند ڪچري جا ڍيرن کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي 70 سالن ۾ پ پ، ن ليگ، ق ليگ، ف ليگ ۽ متحده جي حڪومتون رهيون آهن  پر سنڌي ماڻهن کي هٿ وٺي گند ڪچري حوالي ڪري اقليت م تبديل ڪيو پيو وڃي.  هنن چتاءُ ڏيندي چيو جيڪڏهن سنڌي وسندين جا مسئلا حل نه ٿيا ته تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي پوندا سين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو