سنڌي وسندين جو پاڻي فيڪٽرين کي وڪرو، حليم عادل تي الزام

سنڌي وسندين جو پاڻي فيڪٽرين کي وڪرو، حليم عادل تي الزام

گڏاپ (ن س) سنڌي وسندين جو پاڻي چوري ڪري غيرقانوني طور 9 انچن جا 4 پائپ لڳائي انڊسٽريل ايريا جي فيڪريٽري مالڪن کي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وٺي. ان ڪڌي ڪاروبار ۾ حليم عادل سيخ جا ماڻهون ملوث آهن. سنڌي وسندين جي متاثر ڳوٺاڻن پاران احتجاج. مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته لاسي ڳوٺ ,خدابخش ڳوٺ ,ڇٽا گبول ڳوٺ ,ايوب ڳوٺ ۽ ٻين سنڌي وسندين مان غير قانوني طورڪيتريون لائينون هڻي پاڻي چوري ڪري  انڊسٽريل ايريا جي فيڪٽري مالڪن کي وڪري ڪري لکين روپيه في فيڪٽري تان هر مهيني اڳاڙيا وڃن ٿا, اسان پاڻي جي بوند بوند جي لاء ترسي رهيا آھيون اسان جي علائقن ۾ ڪيترين مهيني کان پاڻي بند آھي ۽ پاڻي جي لائينن ۾ زنگ لڳي وئي آهي. سماجي اڳواڻن سنڌ نيشنل پارٽي جي وائيس چيئرمين رمضان بليدي ,يوسي 31 وارڊ 2 جي جنرل ڪونسلر نورزمان برفت,پ پ جي سينيئر اڳواڻ دلدار برفت,جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالستار برفت ,جسقم جي اڳواڻ سعيد احمد چانڊيو,مجيب الرحمان برفت ,سيد عادل شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نورزمان برفت جي آفيس کان لياري ندي جي پل انڊسٽريل ايريا تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي مظاهرو ڪندڙ جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جنهن تي مختلف قسمن جا نعرا درج هئا پاڻي نه آھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا پاڻي چور پي ٽي آء ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ان جا ڇاڙتا,ڳوٺاڻن جي پاڻي تي ڌاڙو بند ڪريو. هنن واٽر بورڊ جي ايم ڊي ,ڊي جي رينجرس ,انٽي ڪريپشن جي ڊائريڪٽر۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته غير قانوني ڳوٺاڻن جو پاڻي چوري ڪري وڪرو ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪري لاسي ڳوٺ واسين کي پاڻي ميسر ڪري ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو