سنڌي سماج ۾ نفسياتي مسئلا ۽ حل بابت ورڪشاپ

سنڌي سماج ۾ نفسياتي مسئلا ۽ حل بابت ورڪشاپ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ پاران ڪارڪنن کي نظرياتي، سياسي ۽ سائنسي تعليم ڏيڻ واري سلسلي ۾ ٽي روزه تعليمي ورڪشاپ ٻئي ڏينهن به پٻڻ شريف ضلعي حيدرآباد ۾ جاري آهي. تعليمي ورڪشاپ جي ٻئي ڏينهن نفسيات جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر قاسم جمال چاچڙ پاران ”سنڌي سماج ۾ نفسياتي مسئلا ۽ انهن جا حل“ جي عنوان تي، ليکڪ ادريس لغاري ”وڏيراشاهي جي وطن سان غداري جي تاريخ“، ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر سڪندر مغل ”ارتقا بابت سائنسي نظريو“، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو ”هاري تحريڪن جو پس منظر“ جي عنوانن تي  ليڪچر ڏنا. تعليمي ورڪشاپ ۾ هارين، مزدورن، سنڌياڻين، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪارڪنن پاران قومي انقلابي گيت پڻ ڳايا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو