سنڌو دريا تي پاڻي جي لڳل ڌاڙي خلاف لکين ماڻهو ايندا:رياض چانڊيو

سنڌو دريا تي پاڻي جي لڳل ڌاڙي خلاف لکين ماڻهو ايندا:رياض چانڊيو

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌو دريا تي پاڻي جي لڳل ڌاڙي ، سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف 3 جولائي تي حيدرآباد بائي پاس تي تاريخي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ لکين سنڌي گڏ ٿي اچي پنهنجي ڌرتي جي پاڻ حفاظت ڪندا ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ، پارٽي جي ورڪرز اجلاس ۽ مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي مخاطب ٿيندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌو دريا جي پاڻي جي ورڇ لاءِ 91 واري ٺاھ تي پ پ پاڻ عمل ڪري نه سگهي آهي ، هاڻي سنڌ ۽ وفاق ۾ حڪومت جو حصو ٿيڻ باوجود پ پ جي وفاقي وزير خورشيد شاھ پاڻي جي وزارت وٺي پاڻ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن سندس زبان بند ٿي ويئي آهي ، هو سنڌو دريا مان ٿيندڙ پاڻي جي چوري تي خاموش تماشائي بڻجي ويو آهي ، سنڌو دريا ۾ پاڻي جي چوري کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ، سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي جو ازالو ڪيو ويندو ، سنڌ سان حڪمرانن جي ڪيل ناانصافين جو کليو چٺو عوام جي آڏو پڌرو ٿيل آهي ، مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ انساني حياتين جو خون ڪندڙ سنڌ حڪومت ٻئي مرحلي ۾ چونڊ کان اڳ ڌانڌليون شروع ڪري ڇڏيون آهن ، سنڌو دريا ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آهي پاڻي جي وزارت پ پ وٽ هجڻ باوجود سنڌ کي پاڻي جو حق ملي نه سگهيو آهي پ پ هميشه سنڌ جي عوام کان ووٽ وٺي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي قومي مفادن جو سوڌو ڪيو آهي ، اقتدار جي حوس ۾ سنڌ جي اندر ڌارين کي آباد ڪيو وڃي پيو ، هاڻي روينيو کاتي ذريعي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا وڃن پيا ، سنڌ جي اندر اربين روپين جي ڪرپشن ذريعي سنڌ جا وسيلا نيلام ڪيا وڃن پيا ، بحريا ٽائون ، ذوالفقار آباد ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن تي عمل ڪري سنڌ جي اندر غيرقانوني طور ڌارين جي آبادڪاري مستقل ڪئي وڃي پئي ، جنهن کي هاڻي هر محاذ تي چيلينج ڪيو ويندو ، سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي عالمي سطح تي بي نقاب ڪنداسين ، 3 جولاءِ بروز آچر واري ڏينهن حيدرآباد جي باءِ پاس واڌو واھ تي تاريخي جلسي ۾ لکين سنڌي ماڻهو گڏ ٿيندا ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪندا ، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي ، زاهد جسڪاڻي ، پنهل جمالي ، اصغر نوناري ۽ ٻيا شامل هئا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو