سنڌو درياءَ ۾ ٻڏندڙ دوست کي بچائيندي  نوجوان ٻڏي فوت

سنڌو درياءَ ۾ ٻڏندڙ دوست کي بچائيندي نوجوان ٻڏي فوت

ڏوڪري )رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو (موھن جو دڙو لڳ سنڌو درياء ۾ وهنجڻ دوران دوست کي ٻڏڻ کان بچائيندي ڏوڪري جو نوجوان قاضي مدبر پاڻ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳوٺ حسن واهڻ پتڻ وٽان سنڌو درياءَ ۾ وهجندي نوجوان قاضي مدبر ولد شڪيل احمد جوڻيجو ٻڏڻ سبب فوت ٿي ويو. وارثن ٻڌايو تہ نوجوان مدبر پنهنجن دوستن سان گڏجي ڏوڪري لڳ ڳوٺ حسن واهڻ پتڻ وٽان وهجڻ لاءِ ويو هو تہ اچانڪ هن جي دوست جو پير ترڪڻ سبب درياء ۾ ڪري پيو جنهن کي بچائيندي اسان جو نوجوان پاڻ درياء ۾ ٻڏي ويو، جڏهن تہ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش ڪڍڻ لاءِ ٽوٻا گهرايا ويا جن درياء مان نوجوان جو لاش ڪڍيو، ھوڏانھن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو