سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ برساتون، مختلف حادثن ۾ 27 ڄڻا فوت

سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ برساتون، مختلف حادثن ۾ 27 ڄڻا فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ موجب 7 کان 23 جولاءِ تائين سنڌ ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 5 ٻار، 6 مرد ۽ 1 عورت شامل آهي.پي ڊي ايم اي سنڌ موجب ٿرپارڪر ۾ 8 ۽ بدين ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، مختلف حادثن ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن جو تعلق بدين سان آهي.پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه موجب صوبي ۾ 2 ڏينهن دوران برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڪل 9 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا ۽ 78 گهرن کي جزوي نقصان پهتو.صوبائي رليف کاتي جي سيڪريٽري موجب چترال، شانگلا ۽ بنون ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، متاثر ضلعن لاءِ 6 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، چترال اپر ۽ چترال لوئر کي 2.2 ڪروڙ رپيا، بنون ۽ شانگلا کي هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي.بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تازين برساتن سبب مختلف واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن.رپورٽن مطابق آواران جي علائقن ۾ برسات کانپوءِ مقامي درياهه ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو، حفاظتي بند ٽٽڻ جو به خدشو آهي. بسيما ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، ٻوڏ جا وهڪرا شهري آبادي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جنهن سبب ڪيترائي گهر، دڪان ۽ هوٽل ڊهي پيا آهن.ان کان علاوه برساتن هيٺاهين وارن علائقن ۾ تيار فصل تباهه ڪري ڇڏيا

پهنجو تبصرو موڪليو