سنيل گواسڪر ڪهڙي نوجوان ڪرڪيٽر کان متاثر آهي؟

سنيل گواسڪر ڪهڙي نوجوان ڪرڪيٽر کان متاثر آهي؟

ممبئي (اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سنيل گواسڪر ڀارت جي نوجوان ڪرڪيٽر عمران ملڪ کان متاثر نظر اچي رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنيل گواسڪر جو چوڻ هو ته آخري ڀيرو نوجوان ڀارتي رانديگر سچن ٽنڊولڪر کي ڏسي پرجوش هو ۽ هاڻي ٻيهر عمران ملڪ جهڙو نوجوان ڏسي پرجوش آهيان. ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون هارائڻ کانپوءِ سنيل گواسڪر ٽئين ميچ ۾ ڪيل تبديلين تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽئين ٽي ٽوئنٽي لاءِ ارشديپ سنگهه ۽ عمران ملڪ جهڙن نوجوانن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اهو به چيو ته ڀارتي ٽيم لاءِ ٽين ٽي 20 ميچ کٽڻ تمام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو