’سمٽ فار ڊيموڪريسي‘ پاڪستان جي شرڪت کان معذرت

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پاڪستان حڪومت تفصيلي مشاورت بعد آمريڪي صدر جو بائيڊن ’سمٽ فار ديموڪريسي‘ ۾ شرڪت نه ڪرن جو فيصلو ڪيو آهي. جمهوريت بابت سمٽ 29 کان 30 مارچ تائين واشنگٽن ۾ ٿي رهي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته پاڪستان قانون جي بالادستي، واپاري تعاون سميت مختلف شعبن ۾ آمريڪا سان ٻطرفن معاملن بابت تعاون جاري رکندو. آمريڪا جمهوريت بابت سمٽ ۾ چين کي دعوت ناهي ڏني پر دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن جن ۾ تائيوان به شامل آهي تن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. 2021 ۾ عمران خان جي حڪومت وقت به آمريڪا سفارتي چينل ذريعي دعوت ڏني هئي پر صدر جو بائيڊن عمران خان کي فون نه ڪيو هو ۽ چيو هو ته هو ڀلي ويڊيو پيغام رڪارڊ ڪري شرڪت ڪري سگهي ٿو. ان وقت چين ۽ ترڪي کي آمريڪا دعوت نه ڏني هئي جنهن سبب پاڪستان شرڪت نه ڪئي هئي. پاڪستان حڪومت جي شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط جاري ڪرڻ ۾ آمريڪي مدد گهري هئي پر ان بابت ڪا پيشرفت نه ٿيڻ به هڪ اهم سبب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو