سموري دنيا ۾ اڄ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

سموري دنيا ۾ اڄ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي جنهن سبب سڄي ملڪ ۾  اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به شڪاگو ۾ مزدورن جي شاندار جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اڄ پهرين مئي کي مزدورن جو عالمي ڏينهن طور تي ملهايو پيو وڃي  جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي.ڏينهن جي حوالي سان اسلام آباد، لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ حڪومتي ايس او پيز تي عمل ڪندي سيمينار منعقد  ٿي رهيا آهن.صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مزدورن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. حڪومت خاص طور تي مزدورن جي فلاح ۽ بهبود کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو