سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو پيو وڃي: سي او او

سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو پيو وڃي: سي او او

ڪراچي:- ( ) وزير اعلي سنڌ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف آهن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران لياري ٽائون ۽ پهاڙ گنج يوسي 20 نارٿ ناظم آباد ٽائون جي رهواسين ۽ شهرين سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي شهرين پاران سي او او واٽر بورڊ کي لياري ٽائون ۽ پهاڙ گنج يوسي 20 نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي سي او او واٽر بورڊ پاران شهرين کي گڏجاڻي دوران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي ئي حڪم جاري ڪندي پابند ڪيو تہ شھرين پاران پيش ڪيل پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، سي او او واٽر بورڊ ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو تہ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي خصوصي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو