سمنڊ اندر ڪيبل ڪٽجڻ سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ متاثر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته ڏکڻ اوڀر ايشيا، وچ اوڀر-اولهه يورپ 5 جي ڪيترن ئي هنڌن تي سنگاپور ۽ فرانس تائين پکڙيل سمنڊ جي اندر ڪميونيڪيشن ڪيبل ۾ ٻٽي ڪٽ جون خبرون آهن، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي اي چيو ته مصري شهرن ابو طالب ۽ ظفرانا جي وچ ۾ ڪيبل ۾ خرابي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گراهڪ لاءِ انٽرنيٽ سروس جي بغير ڪنهن وقفي جي جاري رکڻ لاءِ متبادل انتظام ڪيا ويا آهن ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. ٻئي طرف پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) چيو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ۾ جزوي رڪاوٽ آهي ۽ ڪجهه صارفين کي سروس ۾ معمولي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ياد رهي ته سم-وي-5 آبدوز ڪيبل سسٽم 2016ع ۾ لانچ ڪيو ويو هو، جنهن جي ڊيگهه 20 هزار ڪلوميٽر آهي جيڪا فرانس جي شهر مارسيل کان سنگاپور تائين پکڙيل آهي. هن وقت 7 سب ميرين انٽرنيٽ ڪيبل سسٽم پاڪستان کي ڳنڍي رهيا آهن، جن ۾ ٻه ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ، ٽرانسورلڊ ايسوسيئيٽس ۽ هڪ نئون ڪيبل سسٽم آهي جيڪو تازو ئي آن لائن آيو آهي ۽ هڪ چيني ڪمپني جي ملڪيت آهي، جنهن ۾ 4 پاڪستان ۾ سرگرم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو