سلور سينڊز جي متاثرين کي مڪمل معاوضو ڏيو، عدالت

سلور سينڊز جي متاثرين کي مڪمل معاوضو ڏيو، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رهائشي ۽ ڪاروباري پراجيڪٽ سلور سينڊز ۾ فليٽن ۽ دڪانن جي بڪنگ جي نالي تي 600 شهرين سان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد بلڊر سڪندر عبدالڪريم پاران متاثرن کي رقم واپس نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بلڊر کي ٻن هفتن اندر متاثرن کي رقم جي واپسي وارو معامرو حل ڪري 15 جنوري تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم اربع تي جوابدار بلڊر جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت ڄاڻايل جوابدار جي ضمانت ۾ پڻ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي.  عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي جوابدار سڪندر عبدالڪريم پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿي متاثرن کي رقم جي واپسي بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ته سڄي جهان کي بيوقوف بڻايو ٿا،  اوهان کي ڪير بي وقوف بڻائيندو؟. جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان 22 ماڻهن کي نوٽيس موڪليا جن مان رڳو  7 ڄڻن جواب ڏنو باقي ماڻهو اسان وٽ نه ٿا اچن ته اسان انهن سان  معاملو ڪيئن حل ڪريون. هن ٻڌايو ته 5 ماڻهن جي سيٽلمينٽ ڪرائي ڇڏي آهي. جوابدار جي وڪيل چيو ته ڪنهن کان 15 لک ته ڪنهن کان 20 لک رپيا ورتا هئا جنهن تي  چيف جسٽس  چيو ته 25 يا 30 سالن کان پوءِ اوهان چوندا ته اوهان کان 25 لک ورتا هئا؟ ڪير مڃيندو. 25 سال اڳ ورتل 25 لک رپيا موجوده وقت جي مطابق واپس ڪرڻا پوندا.  عدالت جوابدارن جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته اوهان 7 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايو ۽ انهن مان سڀني جي سيٽلمينٽ ڪرايو. عدالت چيو ته جن ماڻهن 25 سال اڳ  25 لک رپيا ڏنا هئا انهن جو هاڻي هڪ ڪروڙ ته ٺهي ٿو؟. عدالت چيو ته ماڻهون ته بڪنگ وقت بلڊر جي شڪل به  ناهن ڏسندا؟. بلڊرز جا سندن فرنٽ مين به  ماشاءَ الله هوندا آهن. عدالت جوابدار جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان هاڻ اوهان تي ڇڏيون ٿا ته جلد کان جلد سيٽلمينٽ ڪرائي وڃي. ٻڌڻي دوران منصوبي ۾ فليٽس بڪ ڪرائيندڙ شهري به وڏي انگ ۾ عدالت پهتل هئا. نيب پاران سڪندر عبدالڪريم خلاف شهرين جي شڪايت تي انڪوائري شروع ڪئي ته ان سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي آهي. نيب موجب ڄاڻايل بلڊر سڪندر عبدالڪريم  1992ع ۾ ڄاڻايل منصوبي لاءِ  بڪنگ ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين بڪنگ ڪندڙن لاءِ  فليٽس نه ٺاهيا ويا آهن ۽ فليٽ بڪنگ ڪرائيندڙ  ڪيترائي ماڻهو فوت به ٿي ويا آهن، 600 شهرين منصوبي ۾ فليٽن جي بڪنگ ڪرائي هئي، 580 ماڻهن ته ڪنهن فورم تي رابطو ئي ناهي ڪيو. ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جو چوڻ هو ته اسان جڏهن فليٽس جو مطالبو ڪرڻ ويندا آهيون ته بلڊر ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن. هنن چيو ته بلڊر سڪندر عبدالڪريم پئسا وٺڻ بعد ملڪ کان ٻاهر ڀڄي ويو جيڪو هاڻ واپس آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو