ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ ساٿي اداڪار سلمان خان ۽ شاهه رخ خان جي حوالي سان دلچسپ راءِ جو اظهار ڪيو آهي. نيٽ فلڪس تي پنهنجي پهرين ويب سيريز دي فيم گيم جي پروموشن جي سلسلي ۾ هڪ انٽرويو دوران ميزبان کانئس مختلف سوال پڇيا جن جا ماڌوري دلچسپ جواب ڏنا. انٽرويو دوران جڏهن ماڌوري کان پڇيو ويو ته شاهه رخ خان ۽ سلمان خان جيڪڏهن اداڪار نه هجن ها ته ڇا ڪن ها؟ ان تي ماڌوري چيو ته جيڪڏهن سلمان خان گلوڪار هجي ها ته ڳائي ها، يا هو باڊي بلڊر هجي ها، پر هو هاڻي به آهي، ٿي سگهي ٿو ته هو پروفيشنل پينٽر هجي ها. بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جو ذڪر ڪندي ماڌوري چيو ته جيڪڏهن هو اداڪار نه هجي ها ته بزنس مين هجي ها پر هو اڃا تائين ڪاروباري به آهي. ياد رهي ته ماڌوري ڊڪشٽ جي پهرين ويب سيريز دي فيم گيم جو پريميئر 25 فيبروري تي نيٽ فلڪس تي ٿيندو. ڪرشمه ڪوهلي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن سيريز ۾ ماڌوري کان علاوه سنجي ڪپور، منوڪول، لڪسوير سرن، سوهاسني مولي ۽ مسڪن جعفري جهڙا اداڪار به نظر ايندا.










