سلمان مٿان تنقيد تي لڄالٽ ۽ قتل جون ڌمڪيون مليون: ڳائڻي

سلمان مٿان تنقيد تي لڄالٽ ۽ قتل جون ڌمڪيون مليون: ڳائڻي

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي ڳائڻي سونا موهاپاتراانڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ اداڪار سلمان خان تي تنقيد ڪرڻ تي کيس ريپ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون گلوڪارا انڪشاف ڪندي چيو ته جڏهن مان سلمان خان تي تنقيد ڪئي هئي تڏهن مداحن طرفان کيس سخت ردعمل جو منهن ڏسڻو پيو هو ۽ ريپ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون هيون سوناموهاپاترا وڌيڪ چيو ته جڏهن سلمان پنهنجي فلم ” ڀارت “ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندي شادي لاءِ پرڏيهه وڃڻ تي پريانڪا چوپڙا تي تنقيد ڪئي هئي ته ان وقت به مون پريانڪا جي حمايت ڪئي هئي ۽ تڏهن به مونکي انتهائي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو هو. سوناموهاپاترا چيو ته سوشل ميڊيا تي مون تي تنقيد ڪئي وئي ۽ قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون گلوڪارا ٻڌايو ته ان دوران اجتمائي لڄالٽ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ فحش مواد وارين ويب سائيٽ تي منهنجون ايڊٽ ڪيل تصويرون پڻ لڳايون ويون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو وقت مون لاءِ ۽ منهنجي ڪٽنب لاءِ انتهائي تڪليف وارو هو، اسان کي سڀني کي ان دوران انتهائي ڀوائتي صورتحال مان گذرڻو پيو

پهنجو تبصرو موڪليو