اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪندي، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير کانسواءِ وفاقي وزير به شرڪت ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.










