ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)غيرواسطيدار ماڻهن کي سفارش جي بنياد تي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ واري معاملي تي ڪاروائي ڪندي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر انيلا قريشي کي عهدي تان هٽائيندي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پوليو جي ڪوآرڊينيٽر کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آهي. ٻئي پاسي 3 رڪني آڊٽ ٽيم به جوڙي وئي آهي جنهن جو سربراهه دي جي هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ آهي. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو هو ته پهرين مرحلي ۾ چين مان مليل 83 هزار ڊوز ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهيد بينظيرآباد جي صحت ورڪرز کي لڳايا ويندا. گذريل ڏينهن وفاقي وزير اسد عمر جي ڀاءُ محمد زبير جيڪو مسلم ليگ (ن) جو ترجمان آهي تنهن جي ڌيءَ ۽ سندس ناٺي کي ويڪسين لڳائي وئي هئي. خبر ۽ تصويرون وائرل ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت ڪاروائي جو اعلان ڪيو هو. سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته هن جو ڪو واسطو نه آهي نه ئي هن ڪنهن کي ان بابت سفارش ڪئي هئي.










